تھران: ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جاري سفارتي رابطن ۾ نئين اڳڀرائي سامھون آئي آھي جتي تھران ڳالھين کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪيترائي اھم مطالبا واشنگٽن آڏو رکي ڇڏيا آھن.
ايراني پرڏيھي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي جو چوڻ آھي تہ تھران سنجيدگي ۽ نيڪ نيتي سان ڳالھين جو رستو اختيار ڪيو آھي ۽ ڳالھين بابت تفصيل مجاز اختيارين طرفان فراھم ڪيا ويندا.
ايراني عملدارن مطابق ايران خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ جي خاتمي، بيرون ملڪ منجمد اثاثن جي بحالي ۽ سامونڊي رستن تي ايراني جھازن جي تحفظ کي ڳالھين جو بنيادي حصو بڻائڻ چاھي ٿو.
ايراني ميڊيا رپورٽس ۾ دعويٰ ڪئي وئي آھي تہ آمريڪا طرفان موڪليل تازن پيغامن سان ٻنھي ملڪن جي وچ ۾ ڪافي معاملن تي فاصلا گھٽ ٿيا آھن جڏھن تہ اعتماد جي فضا اڃا بہ مڪمل طور تي بحال نہ ٿي سگھي.
ايراني پرڏيھي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي پنھنجي بيان ۾ چيو تہ تھران ڳالھين کي سنجيدگي سان وٺي رھيو آھي پر ماضي جي تجربن سبب ڪجھ تحفظات اڃا بہ موجود آھن.
ھن جو چوڻ ھو تہ ايران چاھي ٿو تہ لبنان سميت مختلف محاذن تي جاري تڪرارن جو خاتمو ٿئي ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ گھٽ ڪئي وڃي، جوھري پروگرام بابت گردش ڪندڙ اطلاع حقيقتن تي ٻڌل ناھن، ڳالھين جا حتمي تفصيل لاڳاپيل عملدار ۽ ڳالھين واري ٽيم طرفان مناسب وقت تي سامھون آندا ويندا.
ٻئي طرف ڊونلڊ ٽرمپ ھڪ بيان ۾ چيو تہ آمريڪا جي ايران سان ڳالھ ٻولھ جاري آھي ۽ واشنگٽن جي پھرين ترجيح اھا آھي تہ ايران جوھري ھٿيار حاصل نہ ڪري سگھيو.
ھن اشارو ڏنو تہ افزودھ روينيم جي ذخيرن بابت بہ سخت موقف اپنايو پيو وڃي.
ٻئي طرف ھڪ سينيئر ايراني عھديدار برطانوي نيوز ايجنسي کي ٻڌايو تہ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ اڃا تائين ڪنھن حتمي معاھدي تي اتفاق نہ ٿي سگھيو آھي، جڏھن تہ ٻنھي ملڪن وچ ۾ اختلافن ۾ ڪجھ حد تائين گھٽتائي ضرور آئي آھي.
عھديدار مطابق يورينيم افزودگي ۽ آبناءِ ھرمز تي تھران جي ڪنٽرول بابت معاملا اڃا بہ اھم رڪاوٽون تصور ڪيون پيون وڃن، ڳالھين وارو عمل جاري آھي ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ گھٽ ڪرڻ لاءِ سفارتي ڪوششن کي ترجيح ڏني پئي وڃي، جڏھن تہ حساس معاملن تي حتمي اڳڀرائي اڃا باقي آھي.