پي ايس ايل ٽيم لاھور قلندرز کي وڏو ڌچڪو لڳو آحي ۽ اھم پرڏيھي بيٽر پرويز حسين ايمان انجري سبب ٽورنامينٽ کان ٻاھر ٿي ويو آھي.
لاھور قلندرز جي ترجمان بنگلاديش سان تعلق رکندڙ وڪيٽ ڪيپر بيٽر جي پي ايس ايل کان ٻاھر ٿيڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو آھي تہ پرويز حسين ايمان ڪنڌ جي انجري سبب ليگ کان ٻاھر ٿي ويو آھي.
پرويز حسين ملتان سلطانز خلاف ميچ ۾ آصف علي سان ٽڪرائجڻ سبب ان وٽ ٿيو ھو، پرويز حسين ايمان کي ٽيم کان ريليز ڪيو ويو آھي.
پرويز حسين جي ايم آر آئي اسڪين ۾ لِيگامينٽ ٽِيئر جي تصديق ٿي آهي، ۽ ڊاڪٽرن کيس مڪمل آرام ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي۔
قلندرز انتظاميا موجب، ٽيم مينيجمينٽ مڪمل فٽنيس نہ هجڻ سبب کيس اسڪواڊ مان رليز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏھن تہ متبادل رانديگر جو اعلان جلد ڪيو ويندو۔……