قطر جي وزيراعظم شيخ محمد بن عبدالرحمان آل ثاني جي آمريڪي صدر جي ڊي وينس سان ملاقات ٿي.
ٻنھي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات ۾ وچ اوڀر جي صورتحال ۽ ڇڪتاڻ گھٽ ڪرڻ جي ڪوششن تي ڳالھيون ٿيون.
قطر جي پرڏيھي وزارت مطابق ملاقات ۾ پاڪستان ثالثي ڪوششن تي بھ ڳالھيون ڪيون ويون.
ان موقعي تي شيخ محمد بن عبدالرحمان تمام ڌرين کي ڳالھين واري عمل ۾ شامل ٿيڻ تي زور ڏنو.
ھن مستقل امن ۽ علائقائي استحڪام جي لاءِ جامع معاھدي جي ضرورت تي بھ زور ڏنو.