فيلڊ مارشل عاصم منير آمريڪا ايران امن ڳالھيون بچائڻ لاءِ سرگرم آھي: فنانشل ٽائمز

فہرستِ مضامین

ڪراچي: چيف آف ڊيفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير آمريڪا ايران ڳالھين کي مڪمل طور تي ٽٽڻ کان بچائڻ جون ڪوششون ڪري رھيو آھي.

برطانوي رسالي فنانشل ٽائمز جي رپورٽ مطابق پاڪستان، ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ ۾ سفارتي ثالثي جي ڪوششن ۾ اھم ڪردار ادا ڪري رھيو آھي، ان عمل ۾ پاڪستاني فوج جي سربراھھ فيلڊ مارشل عاصم منير کي ھڪ غير روايتي پر مرڪزي ڪردار جي طور تي ڏٺو پيو وڃي.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آھي تھ ٻنھي ملڪن وچ ۾ اعتماد جي کوٽ، پابندين ۽ فوجي ڇڪتاڻ سبب امن ڳالھيون مشڪل صورتحال جو شڪار آھن جڏھن تھ پاڪستان خطي ۾ ڳالھين جي راھ ھموار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں