عوام لاءِ سٺي خبر، مهانگائي ٽن مهينن کانپوءِ سنگل ڊيجيٽ تي پهچي وئي

فہرستِ مضامین

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ لڳاتار ٽن مهينن تائين ڊبل ڊيجيٽ ۾ رهندڙ مهانگائي نئين مالي سال جي پهرين مهيني جولاءِ دوران گهٽجي ٻيهر سنگل ڊيجيٽ ۾ اچي وئي آهي.

وفاقي شماريات  واري اداري (بيورو آف اسٽيٽسٽڪس) مهانگائي بابت پنهنجي ماهوار رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.

رپورٽ موجب جولاءِ 2026ع دوران سالياڻي بنيادن تي مهانگائي جي شرح گهٽجي 9.2 سيڪڙو ٿي وئي، جڏهن ته جون 2026ع ۾ اها شرح 11.1 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي هئي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اپريل، مئي ۽ جون 2026ع دوران مهانگائي لاڳيتو ٽن مهينن تائين ڊبل ڊيجيٽ ۾ رهي، پر جولاءِ ۾ ان ۾ گهٽتائي اچڻ سان اها ٻيهر سنگل ڊيجيٽ ۾ داخل ٿي وئي.

ماهرن موجب مهانگائي جي شرح ۾ هي گهٽتائي نئين مالي سال جي شروعات ۾ معيشت لاءِ هڪ مثبت اشارو سمجهي پئي وڃي، جڏهن ته ايندڙ مهينن ۾ ان جي تسلسل تي به نظر رکي ويندي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں