صدر مملڪت آصف علي زرداري اڄ کان پھرئين مئي تائين چين جو دورو ڪندو

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: پرڏيھي وزارت جي ترجمان صدر آصف علي زرداري جي چين جي دوري جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو، صدر آصف علي زرداري چيني حڪومت جي دعوت تي اڄ بيجنگ روانو ٿيندو.

پرڏيھي وزارت جي ترجمان مطابق صدر آصف علي زرداري چين جو دورو حڪومت جي دعوت تي ڪري رھيو آھي، دوري دوران ھو 25 کان 27 اپريل تائين ھنان صوبي جي شھر چانگ شا جڏھن تھ 28 اپريل کان پھرئين مئي تائين ھينان صوبي جي شھر سانيا جو دورو ڪندو.

دوري دوران صدر زرداري چيني صوبائي قيادت سان ملاقاتون ڪندو، جن ۾ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ٻھ طرفن تعلقات، خاص طور تي اقتصادي ۽ واپاري تعاون ۽ سي پيڪ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.

ترجمان مطابق اھو دورو پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن جي پراڻي روايت جو حصو آھي ۽ ھن سال پاڪ چين سفارتي تعلقات جي 75ھين سالگرھ بھ ملھائي پئي وڃي.

بيان ۾ چيو ويو آھي تھ اھو دورو ٻنھي ملڪن وچ ۾ “آل ويدر سٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنر شپ” کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں