اداڪارا چيو ته مڙس يا نئين خاندان طرفان ڪا پابندي ناهي، پنهنجي ازدواجي زندگي مان خوش آهيان ۽ خانگي شهري طور زندگي گذارڻ چاهيان ٿي
پاڪستاني اداڪارا رمشا خان شوبز ۽ سوشل ميڊيا کان پري رهڻ بابت خاموشي ٽوڙيندي چيو آهي ته هوءَ هاڻي ڪيمرا سامهون نظر اچڻ نٿي چاهي ۽ پنهنجي ذاتي زندگي کي خانگي رکڻ چاهي ٿي.
تازو هڪ خانگي ٽي وي جي ميزبان سان ڳالهائيندي رمشا خان چيو ته سندس مڙس يا نئين خاندان طرفان مٿس ڪنهن به قسم جي پابندي لاڳو ناهي ڪئي وئي.
اداڪارا وضاحت ڪندي چيو ته هوءَ پاڻ ڪيمرا سامهون اچڻ کان پاسو ڪرڻ چاهي ٿي ۽ اها به خواهش رکي ٿي ته سوشل ميڊيا تي سندس نالي سان ڪنهن قسم جو هيش ٽيگ يا مهم نه هلائي وڃي.
رمشا خان جو چوڻ هو ته هوءَ پنهنجي ازدواجي زندگي مان تمام گهڻي خوش آهي ۽ هاڻي هڪ خانگي شهري جي حيثيت سان زندگي گذارڻ چاهي ٿي.
واضح رهي ته رمشا خان ۽ اداڪار خوشحال خان ڊراما سيريلز دنياپور ۽ برياني ۾ گڏ ڪم ڪيو، جنهن دوران ٻنهي وچ ۾ محبت جون خبرون سامهون آيون. بعد ۾ ٻنهي اوچتو شادي ڪري مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو.
شادي کانپوءِ رمشا خان شوبز ۽ سوشل ميڊيا تي گهٽ نظر اچڻ لڳي، جنهن تي مختلف قسم جون قياس آرائيون پڻ ڪيون ويون. اداڪارا هاڻي انهن قياس آرائين کي رد ڪندي واضح ڪيو آهي ته سندس فيصلي جو سبب ذاتي پسند آهي.