آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي اڄ (خميس ڏينھن) ايران جي خلاف ممڪنھ فوجي ڪارروائي جي نون منصوبن تي بريفنگ ڏني ويندي.
رپورٽس مطابق آمريڪي صدر کي آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽڪام) جي سربراھ ايڊمرل بريڊ ڪوپر طرفان بريفنگ ڏني ويندي، جنھن ۾ ايران جي خلاف ممڪنھ فوجي ڪارروائي جي نون منصوبن کان ٽرمپ کي آگاھ ڪيو ويندو.
ميڊيا آئوٽ ليٽ ايڪسيوس معاملي کان باخبر ٽن ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو آھي تھ سينٽڪام ايراني ھدفن تي مختصر ۽ طاقتور حملن جي ھڪ لھر جو منصوبو تيار ڪيو آھي، جنھن ۾ ممڪنھ طور تي بنيادي انفرااسٽرڪچر کي نشانو بڻائي سگھجي ٿو، جنھن جو مقصد ايران تي ڳالھين ۾ لچڪ ڏيکارڻ لاءِ دٻاءُ وجھڻ آھي.
ذريعن مان ھڪ موجب غور ھيٺ آيل ٻين آپشنز ۾ آبناءِ ھرمز ڪجھھ حصن تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ ۽ ايران جي انتھائي افزودھ يورينيم جي ذخيري کي قبضي ۾ وٺڻ لاءِ خاص زميني فوجي دستا موڪلڻ شامل آھي.
صدر ٽرمپ ايران جي جوھري پروگرام کي فوري خطرو قرار ڏيندو رھيو آھي، جڏھن تھ تھران جوھري ھٿيار ٺاھڻ جي ارادي جي ترديد ڪري ٿو ۽ موقف اختيار ڪري ٿو تھ ان کي پرامن مقصدن لاءِ جوھري ٽيڪنالوجي سميت افزودگي جي ترقي جو حق حاصل آھي، جيئن نيوڪليئر نان پروليفريشن ٽريٽي تحت طئي آھي.
رپورٽ مطابق آمريڪا کي اميد آھي تھ ھو ايران کي جوھري معاملن تي ڳالھين جي ميز تي وڌيڪ لچڪدار بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو.
واضح رھي تھ ان کان اڳ صدر ٽرمپ ايران جي شھري بنيادي ڍانچي کي تباھ ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي چڪو آھي، جڏھن تھ بين الاقوامي قانون جي ماھرن مطابق اھڙا حملا ممڪن طور تي جنگي ڏوھھ جي زمري ۾ اچي سگھن ٿا.
1940 جي جنيوا ڪنونشنز تحت شھرين لاءِ ضروري ھنڌن کي نشانو ٺاھڻ منع آھي.
رپورٽ مطابق جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جي چيئرمين جنرل ڊين ڪين جي پڻ بريفنگ ۾ شريڪ ٿيڻ جي توقع آھي.