آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ثالثي جي لاءِ پاڪستان تي ھڪ ڀيرو ٻيھر اعتماد جو اظھار ڪندي وزيراعظم شھباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جي تعريف ڪئي آھي.
ڊونلڊ ٽرمپ چيو آھي تہ پاڪستان تازي ايران جنگبندي ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو ۽ پاڪستاني قيادت بھترين ڪم ڪري رھي آھي.
الجزيرھ جي رپورٽ مابق ان کان اڳ آمريڪي سينيٽر لنڊسي گراھم پاڪستان تي تنقيد ڪندي چيو ھو تہ جيڪڏھن ايران پنھنجا فوجي اثاثا پاڪستاني اڏن تي محفوظ ڪري رھيو آھي تہ پاڪستان غير جانبدار ثالث نٿو رھي سگھي، مونکي پاڪستان تي بلڪل اعتماد ناھي.
الجزيرھ مطابق آمريڪي سينيٽر جو اھو بيان ان وقت سامھون آيو ھو جڏھن آمريڪي ميڊيا ۾ دعويٰ ڪئي وئي ھئي تہ پاڪستان ايران جي ڪيترن ئي فوجي طيارن ۽ اثاثن کي پنھنجي ايئر بيسز تي جڳھ ڏئي رھيو آھي تہ جيئن انھن کي ممڪنہ آمريڪي يا اسرائيلي حملن کان بچائي سگھجي.
ٻئي طرف پاڪستان ايراني طيارن جي موجودگي جي حوالي سان آمريڪي ٽي وي سي بي ايس نيوز جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي ھئي.
پرڏيھي وزارت جي ترجمان مطابق پاڪستان سي بي ايس نيوز جي رپورٽ کي گمراھ ڪندڙ قرار ڏئي رد ڪيو.
ترجمان جو چوڻ ھو تہ ان عمل جو مقصد علاقائي استحڪام ۽ امن جي لاءِ جاري ڪوششن کي نقصان پھچائڻ آھي.
ترجمان مطابق اسلام آباد ڳالھين جي ابتدائي دور دوران ايران ۽ آمريڪا مان ڪيترائي طيارا پاڪستان پھتا ھئا، تہ جيئن ڳالھين واري عمل سان لاڳاپيل سفارتي عملي، سيڪيورٽي جي ٽيمن ۽ انتظامي عملي جي چرپر ۾ سھولت فراھم ڪري سگھجي.
ترجمان مطابق ڪجھ ھوائي جھاز ۽ امدادي اھلڪار پاڪستان ۾ عارضي طور تي مصروفيت بعد متوقع دورن جي ڪري موجود رھيا، جڏھن تہ باضابطہ ڳالھيون اڃا تائين ٻيھر شرروع نہ ٿيون آھن.
واضح رھي تہ لنڊسي گراھم ايران جي خلاف سخت موقف رکندڙ اڳواڻ سمجھيو وڃي ٿو ۽ ھو ٽرمپ تي ايران جي خلاف وڌيڪ سخت پاليسيون اپنائڻ جي لاءِ دٻاءُ وجھندو رھيو آھي.
ھوڏانھن پاڪستان ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ رڪيل سفارتڪاري بحال ڪرائڻ جي ڪوششون ڪي رھيو آھي جڏھن تہ ايران جي طرفان آمريڪي بحري ناڪابندي ختم ڪرڻ جي شرط بعد ڳالھين ۾ اڳڀرائي ھڪ ڀيرو ٻيھر تعطل جو شڪار نظر اچي رھي آھي.