ڪراچي ۾ سيد مراد علي شاھھ جي صدارت ھيٺ صوبائي ڪابينھ جو اجلاس ٿيو، جنھن ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
وڏي وزير جي ترجمان مطابق اجلاس ۾ 25 نقاطي ايجنڊا تي تفصيلي غور ڪيو ويو، جڏھن تھ سن ڪابينھ مختلف ترقياتي منصوبن جي لاءِ اربين رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ڪابينھ حيدرآباد ۽ ڪوٽڙي جي وچ ۾ سنڌ درياءَ تي نئين پل جي انجنيئرنگ ڊيزائن لاءِ 147.2 ملين رپيا مختص ڪيا، جنھن کي اندرون ملڪ ٽريفڪ جي لاءِ اھم سھولت قرار ڏنو ويو.
ڪراچي ۾ روڊن جي بحالي لاءِ 6.5 ارب رپين جي منظوري ڏني وئي ۽ ڪي ايم سي کي 24 ٽائونز ۾ روڊ انفرااسٽرڪچر بھتر بڻائڻ لاءِ فنڊز جاري ڪرڻ جي ھدايت ڪئي وئي.
ڪابينھ شھر جي ايس ٿري منصوبي لاءِ 2 ارب رپين جي منظوري ڏني، جنھن تحت ھارون آباد ۾ ايس ٽي پي ون جي پھرين مرحلي جي تڪميل ممڪن ھوندي.
اھڙي طرح لاڙڪاڻي ۾ پاڻي نيڪال جي نظام جي بھتري لاءِ 4 ارب رپيا، جڏھن تھ ضلعي عدالتي نظام جي ڊجيٽلائيزيشن لاءِ 48.9 ملين رپيا مختص ڪيا ويا، مورو ۾ چئن نين عدالتن جي تعمير لاءِ بھ 432.597 ملين رپين جي منظوري ڏني وئي.
تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ بھ اھم فيصلا ڪيا ويا، جن تحت دادو ۾ پير الاھي بخش لا ڪاليج لاءِ 25 ملين رپيا، جڏھن تھ سکر جي غلام محمد ميڊيڪل ڪاليج اسپتال ۾ 50 بسترن تي ٻڌل ٽراما سينٽر جي قيام لاءِ 635.48 ملين رپيا منظور ڪيا ويا، وڏي وزير ھدايت ڪئي تھ اھو ٽراما سينٽر جون 2026ع تائين فعال ڪيو وڃي.
عمرڪوٽ ۾ يتيم خاني جي قيام لاءِ 80 ملين رپيا، جڏھن تھ سينٽ پيٽرڪ ھاءِ اسڪول ۾ اي سي سي اي بلاڪ لاءِ 90 ملين رپين جي منظوري ڏني وئي.
ڪابينھ سنڌ جاپ پورٽل لاءِ 86.535 ملين رپيا ۽ مصنوعي ذھانت کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ انڊس اي آءِ ويڪ 2026 جي انعقاد جي بھ منظوري ڏني.
سيوھڻ ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي بقايائن جي ادائيگي لاءِ 615.7 ملين رپين جي منظوري ڏني وئي، جڏھن تھ نين ڀرتين تي پابندي لاڳو ڪندي 421 ملازمن کي سرپلس پول ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
ٻين منصوبن ۾ حيدرآباد ۾ قربستان لاءِ 252.206 مليين رپيا، قاسم آباد ۾ پاڻي جي فراھمي جي منصوبن لاءِ 800 ملين رپيا، انڊر پاس ۽ لنڪ روڊ جي لاءِ 0.8 ارب رپيا، جڏھن تھ لطيف آباد ۾ اسپورٽس ڪمپليڪس جي تعمير لاءِ 0.5 ارب رپين جي منظوري شامل آھي.
شيخ اياز روڊ جي توسيع ۽ پاڻي نيڪال جي نظام جي بھتري لاءِ 1.2 ارب رپيا جڏھن تھ مختلف علائقن ۾ ڊرين نالي جي تعمير لاءِ 0.9 ارب رپين جي منظوري بھ ڏني وئي.
وڏي وزير جو چوڻ آھي تھ منصوبن سان صوبي ۾ انفرااسٽرڪچر، صحت، تعليم ۽ عوامي سھولتن ۾ نمايان بھتري ايندي.