لائیو آمريڪا سول ٻيڙين کي نشانو بڻايو، يو اي اِي تي حملا رد عمل ھو: پاسداران انقلاب

فہرستِ مضامین

تھران: ترجمان پاسداران انقلاب آمريڪا طرفان ايراني فوج جي تيز رفتار ٻيڙين کي نشانو بڻائڻ جي ترديد ڪئي ۽ چيو تھ يو اي اِي تي حملا جوابي رد عمل ھو.

ايراني ميڊيا پاسداران انقلاب طرفان جاري بيان جي حوالي سان لکيو تھ آمريڪي فوجي طرفان ايراني فوج جي تيز رفتار ٻيڙين کي نشانو بڻائڻ جي بي بنياد دعويٰ بعد پاسداران انقلاب ڪنھن بھ جنگي جھاز کي ڪو نقصان نھ پھتو ان خبر جي نوعيت جاچڻ لاءِ مقامي ذريعن کان تحقيقات ڪئي وئي.

تحقيقات مان اھا ڳالھھ سامھون آئي تھ آمريڪي فوج عمان جي ساحل تان ايران جي ساحلن طرفان ويندڙ عوامي سامان بردار ٻن ننڍين ٻيڙين تي حملو ۽ فائرنگ ڪئي ۽ انھن کي نشانو بڻايو ويو جنھن جي نتيجي ۾ انھن ۾ سوار پنج عام شھري شھيد ٿي ويا.

واضح رھي تھ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي ھئي تھ آمريڪي فوج ايران جي 7 ننڍين ٻيڙين کي نشانو بڻايو آھي، انھن ٻيڙين کي نشانو بڻائڻ لاءِ ھيليڪاپٽر استعمال ڪيا ويا.

ترجمان پاسداران انقلاب مطابق فجيرھ ۾ تيل تنصيبات تي حملي جو ڪو پھريان کان طئي ٿيل منصوبو نھ ھو، فجيرھ بندرگاھ تي ڪجھھ ٿيو اھو آمريڪي فوج جي مھم جوئي جو نتيجو ھو.

ترجمان مطابق يو اي اِي ايران تي تازن حملن ۾ ملوث آھي، متحدھ عرب امارات خلاف ڪارروائي جوابي رد عمل ھو، وڌيڪ حملا ٿيا تھ ايران اھم تنصيبات کي نشانو بڻائيندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں