سنڌ جي مختلف شھرن فائرنگ، جھيڙن ۽ ٻين واقعن ۾ 6 ڄڻا قتل، 10 زخمي

فہرستِ مضامین

سنڌ جي مختلف شھرن ۾ فائرنگ، جهيڙن ۽ ٻين ڌار ڌار واقعن ۾ 6 ڄڻا قتل ٿي ويا آهن ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آھن.

قمبر ڀرسان نورنگ واهه مان 40 ورهين جي پوليس کاتي جي وائرليس آپريٽر عبدالخالق جاگيراڻي جو لاش هٿ ڪيو ويو آهي، وارثن موجب مقتول گذريل رات شادي جي تقريب ۾ مائٽڻ وٽ آيل ھو، جنھن جو لاش مليو آھي، پوليس موجب واقعي جي جاچ جاري آھي .

ٻئي پاسي جيڪب آباد جي سٽي ٿاڻي جي حد ڊي سي چوڪ تي موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ حاضري تي آيل شخص قتل ٿي ويو، پوليس پھچي مڙھ کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتي مقتول جي سڃاڻپ آزاد خان بليدي طور ٿي آهي، جيڪو حاضري لاءِ آيل هو.

مورو ۾ فائرنگ جي ڌار ڌار واقعن ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، پوليس مڙھ اسپتال منتقل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي، فائرنگ جي ھڪ واقعي ۾ سليم ٻگھيو قتل ٿي ويو، جڏھن تہ پاسي شادي تقريب دوران هوائي فائرنگ ۾ گولي لڳڻ سبب فراز لغاري قتل ٿي ويو، پوليس ٻنهي واقعن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

ڳيريلو ڀرسان ڳوٺ ٿريچا ۾ ڪارنهن تڪرار تان ٿيل جهيڙي ۾ الھورايو عرف نظرو چانڊيو قتل ٿي ويو، پوليس موجب واقعو ابڙا ۽ چانڊيا ڌرين جي پراڻي تڪرار سبب پيش آيو آهي، وڌيڪ جاچ جاري آهي.

ٺل ڀرسان ڳوٺ وارث ڏنو بنگلاڻي ۾ ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙي دوران ۾ محمد عرف بابرو بنگلاڻي قتل ٿي ويو، جڏھن تہ 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا، پوليس پھچي مڙھ ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي…….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں