باليووڊ جي سپر اسٽار سلمان خان مزاحيہ اداڪار راج پال يادو جي حمايت ۾ سامهون اچي ويو، سندس بيان سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو آھي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب تازو ئي هڪ ايوارڊ تقريب دوران راج پال يادو کي طنزيہ جملو ٻڌڻو پيو، جنهن تي مداحن ۾ ڪاوڙ جو اظھار ڪيو.
چيتڪ اسڪرين ايوارڊز ۾ جڏھن راج پال يادو عالمي ڪرنسيز ۾ لاھن چاڙھن تي ڳالهائي رھيو ھو تہ ميزبان مزاحيہ انداز ۾ مداخلت ڪندي چيو تہ “راج پال ، ڊالر ۽ رپئي جي قيمت ڪيتري بہ وڌي يا گهٽجي، توھان کي واپس اها ئي رقم ڏيڻي پوندي جيڪا توھان ورتي آهي.
راج پال يادو ايوارڊ شو ۾ ٿيل واقعي بابت ڳالھائيندي چيو تہ اهو واقعو اسڪرپٽڊ هو.
اھڙي واقعي کانپوءِ سلمان خان سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي چيو تہ راج پال يادو گذريل 30 سالن کان انڊسٽري ۾ ڪم ڪري رھيو آھي، سڀئي سندس ٽيلينٽ ۽ منفرد صلاحيتن کان واقف آهن، تنهنڪري انهن کي مسلسل ڪم ملندو رھندو.
سلمان خان وڌيڪ چيو تہ ڪڏھن ڪڏھن ڳالهيون فلو ۾ ٻڌايون وڃن ٿيون، انڪري انهن کي نظرانداز ڪندي پنهنجي ڪم تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.
سلمان خان اهو پڻ چيو تہ ڊالر جي قيمت ۾ تبديلي گهڻو فرق نه پوندي ڇو ته ڪمائي ۽ ذميواريون آخرڪار ملڪ اندر ئي رھنديون.