نيويارڪ: اقوام متحدھ ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار اقوام متحدھ ۾ ڀارت خلاف خط جمع ڪرائي ڇڏيو جنھن ۾ سنڌ طاس معاھدي جي مڪمل بحالي جو مطالبو ڪيو ويو آھي.
پاڪستان خط ۾ ڀارت طرفان سنڌ طاس معاھدي جي معطلي تي شديد تحفظات جو اظھار ڪيو آھي ۽ چيو تھ ڀارت جي ڪارروائي علائقائي امن لاءِ خطرو آھي، سلامتي ڪائونسل کي مداخلت جي اپيل ڪئي وڃي ٿي تھ ڀارت سان بين الاقوامي ذميوارين مطابق عملدرآمد ڪرايو وڃي.
عاصم افتخار جو چوڻ ھو تھ خط نائب وزيراعظم ۽ پرڏيھي معاملن واري وزير طرفان جمع ڪرايو ويو جنھن ۾ معاھدي جي مڪمل بحالي جو مطالبو ڪيو ويو، خط اقوام متحدھ جي جنرل اسيمبلي جي صدر جي حوالي ڪيو ويو.
پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار بين الاقوامي امن ۽ سلامتي جي مفاد ۾ پاڪستان جي ثالثي ڪوششن جي خلاف ڀارتي پروپئگنڊا مھم کي بي بنياد قرار ڏنو ۽ جنرل اسيمبلي جي صدر جو ان بي بنياد مھم طرف ڌيان ڇڪايو.
عاصم افتخار وڌيڪ نشاندھي ڪئي تھ ڪشمير جو تڪرار جيڪو ڊگھي عرصي کان ڪائونسل جي ايجنڊا تي مجود آھي، ڏکڻ ايشيا ۾ مسلسل عدم استحڪام جو بنيادي سبب آھي ۽ ان ڳالھھ تي زور ڏنو تھ خطي ۾ پائيدار امن ان جي حل کانسواءِ ممڪن ناھي جيڪو لاڳاپيل اقوام متحدھ جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ھئڻ گھرجي.