سعودي عرب کان 3 ارب ڊالر ايندڙ ھفتي تائين ملي ويندا: ناڻي وارو وزير

فہرستِ مضامین

ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آھي تہ سعودي عرب کان 3 ارب ڊالر ايندڙ ھفتي تائين پاڪستان کي ملي ويندا.

واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي ناڻي واري وزير ۽ سينيٽر محمد اورنگزيب جو چوڻ ھو تہ اڄ اسان جي سعودي ناڻي واري وزير سان تفصيلي ڳالھ ٻولھ ٿي، گذريل جمعي تي بہ اسلام آباد ۾ سعودي ناڻي واري وزير سان ڳالھ ٻولھ ٿي ھئي، ھن چيو تہ 3 ارب جي سپورٽ اضافي ڊپازٽس جي صورت ۾ ادا ڪئي ويندي.

ناڻي واري وزير جو چوڻ ھو تہ سعودي حڪومت طرفان 3 ارب ڊالر جي سپورٽ ايندڙ ھفتي تائين اسان کي ملي ويندي، اسان گذريل ھفتي 1.4 بلين ڊالر جون ادائيگيون ڪيون آھن، تمام ادائيگيون وقت تي ڪنداسين.

ھن چيو تہ ھاڻ اھو سالياڻي رول اوور بدران 2028ع تائين ان جي ميچورٽي ويندي، سعودي حڪومت جا ٿورائتا آھيون، سعودي ولي عھد محمد بن سلمان ۽ سعودي جي ناڻي واري وزير جا ٿورا مڃان ٿو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں