سرڪاري ۽ نيم سرڪاري ملازمن جون سينيارٽي لسٽون ويب سائٽس تي وجھڻ لازمي قرار

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: وفاقي آئيني عدالت سرڪاري ملازمن جي سينيارٽي بابت اھم فيصلو ٻڌائيندي قرار ڏنو آھي تہ تمام سرڪاري، نيم سرڪاري ادارا ۽ ڪارپوريشنز پنھنجون سينيارٽي لسٽون ھر سال اپڊيٽ ڪري ويب سائٽس تي جاري ڪرڻ جا پابند ھوندا.

جسٽس سيد حسن اظھر رضوي لکت ۾ فيصلو جاري ڪندي قرار ڏنو تہ سرڪاري ملازمن جون سينيارٽي لسٽون ڳجھيون نہ ٿيون رکي سگھجن ۽ تمام سرڪاري کاتن، خودمختار ادارن ۽ ڪارپوريشنز لاءِ انھن کي پنھنجي ويب سائٽس تي جاري ڪرڻ لازمي ھوندو.

وفاقي آئيني عدالت حڪم ڏنو تہ تمام سرڪاري ادارا ھر سال جنوري ۾ پنھنجون سينيارٽي لسٽون اپڊيٽ ڪن، جڏھن تہ نين ڀرتين، ترقين يا مستقلي جي فورن بعد بہ فھرستن تي نظرثاني ڪرڻ لازم ھوندو.

فيصلي ۾ چيو ويو تہ ھڪ ئي اشتھار ۽ ھڪ ئي بيچ تحت ڀرتي ٿيندڙ ملازمن جي سينيارٽي جو تعين صرف ميرٽ لسٽ ۾ حاصل ڪيلپوزيشن جي بنياد تي ڪيو ويندو، ان بنياد تي نہ تہ ڪنھن پھريان جوائن ڪيو، عدالت قرار ڏنو تہ پھريان اچو، پھريان پايو جو اصول منصفاڻي پبلڪ ايڊمنسٽريشن جي گھرجن جي خلاف آھي.

عدالت اھو بہ واضح ڪيو تہ سينيارٽي لسٽن تائين رسائي ھر شھري ۽ سرڪاري ملازم جو آئيني ۽ بنيادي حق آھي، جڏھن تہ ملازمت جي معاھدي ۾ شامل ڪو بہ قانون جي خلاف شرط ملازم جي قانوني حقن کي ختم نٿو ڪري سگھي.

وفاقي آئيني عدالت پائلٽ ڪيپٽن محمد علي خان جي سينيارٽي بابت اپيل منظور ڪندي سنڌ ھاءِ ڪورٽ جو فيصلو غير قانوني قرار ڏنو ۽ پورٽ قاسم اٿارٽي جي تڪراري سينيارٽي لسٽ ڪالعدم قرار ڏيندي نئين ۽ درست فھرست جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

عدالت مطابق پورٽ قاسم اٿارٽي درخواستگذار کي صرف ھڪ ڏينھن دير سان جوائن ڪرڻ جي بنياد تي جونيئر قرار ڏنو، جڏھن تہ ھو ميرٽ ۾ بھتر پوزيشن تي ھو، فيصلي ۾ چيو ويو تہ سليڪشن ڪميٽي جي سفارشن بعد کاتو پنھنجي مرضي سان جوائننگ ليٽر جاري ڪري ملازمن جي سينيارٽي متاثر نٿو ڪري سگھي.

عدالت قرار ڏنو تہ جوائننگ جي تاريخ جي بنياد تي ڪنھن ملازم کي جونيئر قرار ڏيڻ آئين ۾ ڏنل برابري جي حقن جي خلاف ورزي آھي، ملازم کي جوائننگ لاءِ 7 ڏينھن جو وقت ڏنو ويندو آھي، ان دوران پھريان يا بعد ۾ جوائن ڪرڻ سان سينيارٽي تي ڪو فرق نہ پوڻ گھرجي.

عدالت پورٽ قاسم اٿارٽي طرفان مستقلي جي 7 سال بعد تائين سينيارٽي لسٽ جاري نہ ڪرڻ تي شديد ڳڻتي جو اظھار بہ ڪيو، فيصلي ۾ چيو ويو تہ بيروزگاري جي خوف سبب ملازم اڪثر سخت شرط قبول ڪرڻ تي مجبور ھوندا آھن، جڏھن تہ ڪو کاتو ملازم جي ان مجبوري جو فائدو کڻي قانون تبديل نٿو ڪري سگھي.

وفاقي آئيني عدالت وڌيڪ قرار ڏنو تہ سنڌ ھاءِڪورٽ ان ڪيس ۾ پراڻي عدالتي فيصلن جا اصول غلط انداز ۾ لاڳو ڪيا، عدالت حڪم ڏنو تہ فيصلي جي ڪاپي فوري طور تي چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز کي عمل درآمد لاءِ موڪليا وڃن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں