چين ۾ ايران جي سفير عبدالرضا رحماني فضلي چيو آھي تھ چين مشڪل وقت ۾ ايران جو ساٿ ڏنو، سخت حالتن ۾ گڏ بيھندڙ دوستن کي ايران ڪڏھن بھ نھ وساريندو.
پريس ڪانفرنس دوران ھن چيو تھ ايراني ۽ چيني پرڏيھي وزيرن ملاقات ۾ ٻھ طرفي تعلق ۽ تعاون جي نئين شعبن تي ڳالھھ ٻولھھ ڪئي.
ايراني سفير آبناءِ ھرمز ويجھو چيني آئل ٽينڪر تي حملي جي خبرن تي رد عمل ڏيندي چيو تھ دوست ۽ اسٽريٽجڪ شراڪتدار ملڪن جي جھازن کي نشانو نھ بڻائينداسين.
عبدالرضا رحماني فضلي جو چوڻ آھي تھ ايراني ۽ چيني پرڏيھي وزيرن جي ملاقات جا مثبت اثرن کي سبوتاز ڪرڻ لاءِ ڪجھھ ڌريون اھڙيون خبرون ڦھلائي رھيون آھن.