واشنگٽن / تھران / آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر تيز ٿي وئي آهي، جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ہرمز ۾ ايندڙ ويندڙ جهازن خلاف ڪارروائي جي ڌمڪي ڏني آهي.
صدر ٽرمپ چيو آهي ته جيڪڏھن ڪو به جهاز هن اهم سامونڊي رستي مان گذرڻ جي ڪوشش ڪندو ته آمريڪي بحريه ان کي روڪڻ لاءِ “سخت قدم” کڻندي. هن بيان کانپوءِ عالمي سطح تي ڳڻتي وڌي وئي آهي، ڇو ته ہرمز دنيا جي اهم تيل واري رستن مان هڪ آهي.
ان جي جواب ۾ ايران جي بحريه سخت ردعمل ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن ڪو به فوجي جهاز ايران جي سامونڊي حدن يا ہرمز جي ويجهو آيو ته ان سان “تمام سختي سان” نبيرو ڪيو ويندو.
ايراني فوجي ترجمانن موجب، ملڪ جي خودمختياري ۽ سامونڊي حدن جي حفاظت هر صورت ۾ يقيني بڻائي ويندي ۽ ڪنهن به پرڏيهي دٻاءَ کي قبول نه ڪيو ويندو.
ماهرن جو چوڻ آهي ته ھرمز مان دنيا جو وڏو حصو تيل جي فراهمي جو گذري ٿو، تنهنڪري هتي ڪنهن به قسم جي فوجي ڇڪتاڻ عالمي معيشت تي وڏو اثر وجهي سگهي ٿي. جيڪڏهن حالتون وڌيڪ خراب ٿيون ته تيل جون قيمتون وڌڻ ۽ واپار متاثر ٿيڻ جا امڪان آهن.
ياد رھي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ اڳ به ڪيترائي ڀيرا اهڙي قسم جي ڇڪتاڻ سامهون اچي چڪي آهي، پر هن ڀيري بيانن جي سختي سبب خطي ۾ صورتحال وڌيڪ حساس بڻجي وئي آهي.
ھرمز تي وڌندڙ ڇڪتاڻ نه صرف علائقي لاءِ پر سڄي دنيا لاءِ ڳڻتي جو سبب بڻجي رھي آهي، ۽ ڪنهن به غلط قدم سان وڏي تڪرار جو خطرو وڌي سگهي ٿو….