ڪراچي: پاڪستان سان وائٽ بال سيريز کيڏڻ لاءِ زمبابوي جي ويمن ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان پھچي وئي.
زمبابوي ويمن ٽيم پاڪستان جي دوري تي ون ڊي ۽ ٽي 20 سيريز کيڏندي، زمبابوي ويمن ٽيم جو اھو پاڪستان جو پھريون دورو آھي.
پاڪستان ويمن ٽيم جي مئنيجر عائشھ اشعر زمبابوي ويمن ٽيم جو استقبال ڪيو، پاڪستان ۽ زمبابوي جي ويمن ٽيمن جي وچ ۾ پھريون ون ڊي 4 مئي تي ڪراچي ۾ کيڏيو ويندو.