لنڊن (انٽرنيشنل ڊيسڪ): پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کان پوءِ سندس ڀيڻ بختاور ڀٽو زرداري به لنڊن پهچي وئي آهي، جڏهن ته آصفه ڀٽو زرداري جي به ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران لنڊن پھچڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.
ذريعن موجب، زرداري خاندان جي اهم ڀاتين جي لنڊن آمد جو سلسلو جاري آهي، جتي بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي والد ۽ صدر آصف علي زرداري سان گڏ وقت گذاريندو.
رپورٽن موجب بلاول ڀٽو زرداري لنڊن پهچڻ کان اڳ لڳ ڀڳ هڪ هفتو آسٽريا ۾ رهيو، جنهن کان پوءِ مختصر دوري لاءِ پيرس ويو ۽ اتان لنڊن پهتو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو زرداري پيرس کان لنڊن پهچڻ بعد پنهنجي والد آصف علي زرداري سان گڏ رهندو، جڏهن ته بختاور ڀٽو زرداري جي به لنڊن آمد سان خاندان جا اهم ڀاتي هڪ هنڌ گڏ ٿي ويا آهن.
ٻئي طرف آصفه ڀٽو زرداري جي به ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ لنڊن پهچڻ جو امڪان آهي، جنهن سان زرداري خاندان جي وڌيڪ ڀاتين جي لنڊن ۾ گڏ ٿيڻ جي توقع ڪئي پئي وڃي.
هن وقت تائين خاندان جي لنڊن ۾ گڏ ٿيڻ بابت ڪنهن خاص سياسي سرگرمي يا ملاقاتن جو سرڪاري شيڊول سامهون ناهي آيو، تنهن هوندي به اهم سياسي خاندان جي ڀاتين جي هڪ ئي وقت لنڊن ۾ موجودگي سياسي حلقن ۾ دلچسپي جو سبب بڻجي رهي آهي.