ڀارتي ميڊيا موجب اھو خوفناڪ حادثو غازي آباد شھر ۾ پيش آيو جنھن ۾ ناري پنھنجي حياتي وڃائي ويٺي جڏھن تہ سندس دوست ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال ۾ داخل آھي.
پوليس جو چوڻ آھي تہ ناريءَ جي سڃاڻپ اقرا جي نالي سان ٿي آھي ۽ ساڻس گڏ موٽر سائيڪل تي سندس دوست ھاشمي نالي نوجوان موجود ھو جيڪو ويڊيو ٺاھي رھيو ھو.
پوليس موجب حادثي کان ڪجھ دير پھريان رڪارڊ ڪيل ھڪ ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رھي آھي جنھن ۾ اقرا کي موٽر سائيڪل کي تيز رفتاري سان ھلائيندي ڏسي سگھجي ٿو ۽ ٻنھي کي ھيلمٽ بہ پاتل نہ ھو.