روس جو “سارمات” ميزائل: 35 هزار ڪلوميٽر تائين مار ڪندڙ دنيا جو خطرناڪ ترين ايٽمي هٿيار؟

فہرستِ مضامین

ماسڪو(مانيٽرنگ ڊيسڪ)

روس پنهنجي جديد ترين بين البراعظمي بيلسٽڪ ميزائل “سارمات” جي ڪامياب آزمائش جو اعلان ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته اهو دنيا جو سڀ کان طاقتور ايٽمي ميزائل آهي، جيڪو 35 هزار ڪلوميٽر کان وڌيڪ فاصلي تائين هدف کي نشانو بڻائي سگهي ٿو۔ روسي صدر ولاديمير پيوٽن چيو آهي ته هي ميزائل جديد ۽ مستقبل جي ميزائل دفاعي نظامن کي به چڪمو ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو۔

“سارمات” ميزائل ڇا آهي؟

“سارمات” هڪ جديد بين البراعظمي بيلسٽڪ ميزائل (ICBM) آهي، جيڪو سوويت دور جي پراڻي “ووئي ووڊا” ميزائل سسٽم جي جاءِ وٺندو۔ مغربي ملڪن ۾ ان کي “شيطان-II” (Satan-II) جي نالي سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو۔ هن ميزائل جي تياري 2011ع ۾ شروع ٿي هئي، جڏهن⁠ تہ روس ان کي پنهنجي ايٽمي دفاعي حڪمت عملي جو اهم حصو قرار ڏئي رھيو آهي۔

سارمات ميزائل جون اهم خاصيتون

35 هزار ڪلوميٽر کان وڌيڪ رينج

ايٽمي وارھيڊ کڻڻ جي صلاحيت

هڪ ئي وقت ڪيترن هدفن کي نشانو بڻائڻ جي قابليت

جديد ميزائل دفاعي نظامن کي ناڪام بڻائڻ جي صلاحيت

سب-آربيٽل اڏام  ذريعي غير متوقع رستن تان حملو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

اڳوڻن روسي ميزائلن کان وڌيڪ درستگي ۽ تباهي واري طاقت رکي ٿو.

روسي صدر پيوٽن دعويٰ ڪئي آهي ته “سارمات” جا وارهيڊ مغربي ملڪن جي ساڳئي نوعيت جي ميزائلن کان چار ڀيرا وڌيڪ طاقتور آهن۔

آمريڪا ۽ يورپ به حدف؟

روسي ميڊيا ۽ بين الاقوامي رپورٽن موجب “سارمات” جي رينج ايتري ڊگهي آهي جو اهو آمريڪا، يورپ ۽ دنيا جي تقريباً ڪنهن به حصي تائين پهچي سگهي ٿو۔ روس جو چوڻ آهي ته هي ميزائل موجوده آمريڪي ميزائل شيلڊ سسٽم کي به بي اثر بڻائي سگهي ٿو۔

روس ڇو تيار ڪري رھيو آهي هي هٿيار؟

روسي صدر پيوٽن  موجب آمريڪا جي ميزائل دفاعي نظام ۽ عالمي فوجي تبديلين کي نظر ۾ رکندي روس کي پنهنجي “اسٽريٽجڪ سيڪيورٽي” مضبوط ڪرڻي پئي۔ روس جو موقف آهي ته جيڪڏهن آمريڪا مستقبل ۾ پهريون حملو ڪرڻ جي صلاحيت وڌائي ٿو ته روس وٽ به اهڙو دفاع هجڻ گهرجي جيڪو طاقت جو توازن برقرار رکي سگهي۔

عالمي خدشا وڌي ويا

دفاعي ماهرن جو چوڻ آهي ته “سارمات” جهڙن جديد ايٽمي هٿيارن جي تياري سان دنيا ۾ هٿيارن جي نئين ڊوڙ تيز ٿي سگهي ٿي، خاص طور تي اهڙي وقت ۾ جڏهن روس يوڪرين جنگ سبب عالمي ڇڪتاڻ اڳ ئي وڌيل آهي۔ مبصرن موجب روس جي هن ميزائل آزمائش بعد آمريڪا ۽ نيٽو ملڪن ۾ پڻ ڳڻتي وڌي سگهي ٿي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں