روس ايران کي اھڙا جديد ڊرون فراھم ڪرڻ جي پيشڪش ڪئي جيڪي جام نٿا ڪري سگھجن: برطانوي رسالي جي دعويٰ

فہرستِ مضامین

برطانوي مئگزين دعويٰ ڪئي آھي تہ روس ايران کي اھڙا ڊرون فراھم ڪرڻ جي پيشڪش ڪئي جيڪي جام نٿا ڪري سگھجن.

برطانوي مئگزين جي رپورٽ مطابق آپٽڪ فائبر جي ذريعي استعمال ٿيندڙ اھي ڊرون خليج فارس ۽ ٻين علائقن ۾ آمريڪي ۽ اتحادي فوجن کي نشانو بڻائڻ لاءِ استعمال ڪري سگھبا ھئا.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو تہ روس جي مرڪزي انٽيليجنس ڊائريڪٽوريٽ (جي آر يو) جي تيار ڪيل ان ڳجھي منصوبي ۾ ايران کي 5 ھزار مختصر فاصلي تائين مار ڪندڙ ڊرونز ۽ ڊگھي فاصلي جي لاءِ سيٽلائيٽ جي رھنمائي سان ھلندڙ نظامن جي نامعلوم تعداد فراھم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي ھئي.

اھڙا ئي ڊرون روسي فوج يوڪرين جي خلاف ڪاميابي سان استعمال ڪيا آھن.

رسالي مطابق حاصل ٿيندڙ دستاويزن ۾ اھو واضح ناھي تہ روس ايران کي اھا پيشڪش ڪڏھن ڪئي ۽ ان کي قبول بہ ڪيو ويو يا نہ.

واضح رھي تہ خيال ڪيو وڃي ٿو تہ ماسڪو پھريان ئي خطي ۾ آمريڪي فوجين کي نشانو بڻائڻ ۾ مدد جي لاءِ ايران کي انٽيليجنس فراھم ڪري چڪو آھي.

آمريڪي ميڊيا ڪيترائي ڀيرا دعويٰ ڪري چڪي آھي تہ وچ اوڀر جي جنگ ۾ روس اڻ سڌي ريت شامل ٿي ايران کي آمريڪي ھدفن تي حملن جي لاءِ ڳجھي معلومات ڏئي رھيو آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں