لائیو روسي سپر ياٽ آبناءِ ھرمز ۾ آمريڪي ناڪابندي ٽوڙي ڇڏي

فہرستِ مضامین

خاص رپورٽ

لنڊن: آبناءِ ھرمز ۾ جاري آمريڪا ايران ڇڪتاڻ ۽ سامونڊي پابندين جي باوجود روسي ارب پتي اليڪسي مورداشوف سان لاڳاپيل ھڪ لگزري سپر ياٽ جي چرپر ڌيان حاصل ڪري ورتو آھي، اھو ڪجھھ انھن جھازن ۾ شامل آھي جيڪو ان حساس سامونڊي رستي تان گذرڻ ۾ ڪامياب ٿيو.

برطانوي نيوز اداري مطابق شپنگ پليٽ فارم ميرين ٽريفڪ جي انگن اکرن ٻڌايو تھ 142 ميٽر ڊگھي ۽ 50 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ ماليت جي ياٽ نورڊ لڳ ڀڳ 1400 جي ايم ٽي تي دبئي جي ھڪ مرينا مان روانو ٿيو، ڇنڇر جي صبح آبناءِ ھرمز پار ڪيو ۽ آچر جي صبح مسقط پھچي ويو.

اھو واضح نھ ٿي سگھيو تھ ان گھڻ ماڙ تفريحي ياٽ کي ان رستي جي استعمال جي اجازت ڪيئن ملي، ڇو تھ فيبروري کان ايران آبناءِ ھرمز ۾ اچ وڃ تي سخت پابنديون لاڳو ڪيون آھن، اھي سامونڊي گذرگاھ عالمي سطح تي نھايت اھميت جوڳي آھي جتان دنيا جو لڳ ڀڳ پنجون حصو تيل جي ترسيل ٿيندي آھي.

رپورٽ مطابق اليڪسي مورداشوف جو روسي صدر پيوٽن جو ويجھو سمجھيو وڃي ٿو باضابطھ طور تي نورڊ جي مالڪ جي طور تي رجسٽر ناھي، جڏھن تھ 2025 جي روسي ڪارپوريٽ رڪارڊ ۽ شپنگ ڊيٽا مطابق اھو ياٽ 2022 ۾ ھڪ روسي ڪمپني جي نالي رجسٽر ڪيو ويو ھو جيڪو سندس گھرواري جي ملڪيت آھي، ھيءَ ڪمپني روس جي شھر چيريپوويتس ۾ رجسٽرڊ آھي، جتي موروداشوف جي اسٽيل ڪمپني سيور ستال بھ رجسٽرڊ آھي.

موروداشوف انھن روسي شخصيتن ۾ شامل آھي جن تي يوڪرين تي روسي حملي کانپوءِ آمريڪا ۽ يورپي يونين پابنديون لاڳو ڪيون ھيون، انھن پابندين سبب سندس صدر پيوٽن سان ويجھا تعلقات ٻڌايا وڃن ٿا.

موروداشوف جي نمائندي ان معاملي تي تصبرو ڪرڻ کان انڪار ڪيو.

نورڊ دنيا دنيا جي وڏي لگزري ياٽس ۾ شمار ٿئي ٿي جنھن ۾ 20 اسٽيٽ رومز، سوئمنگ پول، ھيليپيڊ ۽ ھڪ آبدوز بھ موجود آھي، جيئن تھ انڊسٽري پبليڪيشن سپر ياٽ ٽائمز رپورٽ ڪيو آھي.

واضح رھي تھ آمريڪي ۽ ايراني ڇڪتاڻ سبب ان اھم سامونڊي رستي تان گذرندڙ جھازن جي تعداد ۾ واضح گھٽتائي آئي آھي، جتان ايران جنگ جي آغاز کان اڳ روزانو 125 کان 140 جھاز ان رستي تان گذرندا ھئا، اتي ھاڻ صرف ڪجھھ، گھڻو ڪري تجارتي جھاز ئي روزانو ان گذرگاھھ تان گذري رھيا آھن، ان جي جواب ۾ آمريڪا ايراني بندرگاھن جو سامونڊي محاصرو بھ ڪيو آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں