لائیو دوست جو لاش ٽي سال فريزر ۾ لڪائي، سندس نالي تي قرض وٺندڙ شخص آخر ڪيئن پڪڙجي پيو؟

فہرستِ مضامین

ليورپول (انٽرنيشنل ڊيسڪ) برطانيا جي شهر ليورپول ۾ هڪ حيران ڪندڙ قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت کي ٻڌايو ويو آهي ته هڪ شخص پنهنجي دوستياڻيءَ کي قتل ڪرڻ بعد سندس لاش لڳ ڀڳ 3 سالن تائين فريزر ۾ لڪائي رکيو، جڏهن ته ان عرصي دوران مقتولا جي نالي تي ڪريڊٽ ڪارڊ ۽ قرض حاصل ڪري مالي فائدا پڻ حاصل ڪندو رهيو.

رپورٽ موجب، 65 ورهين جي جارج گورڊن تي الزام آهي ته هن اپريل 2023ع ۾ پنهنجي 62 ورهين جي دوستياڻي ڊيليا ميڪ اِنرني کي قتل ڪيو. واقعي کان ڪجهه ڏينهن پوءِ ڊيليا پرتگال منتقل ٿي نئين زندگي شروع ڪرڻ واري هئي.

مقتولا جو خراب حالت ۾ لاش هلندڙ سال 8 جنوري تي سينٽ هيلينز ۾ جوابدار جي فليٽ مان هڪ وڏي فريزر ۾ هٿ آيو، جڏهن ته فليٽ مان سندس پنج مئل پالتو گني پگز پڻ هٿ آيا.

عدالت کي ٻڌايو ويو ته جوابدار ۽ مقتولا ڪيترن ئي سالن کان هڪ ٻئي جا دوست هئا. ڊيليا جڏهن پرڏيهي سفر تي نه هوندي هئي يا ليورپول جي علائقي اينفيلڊ ۾ پنهنجي گهر ۾ نه رهندي هئي ته جوابدار جي فليٽ ۾ رهندي هئي.

سرڪاري وڪيل مارٽن ريڊ عدالت کي ٻڌايو ته ڊيليا کي اپريل 2023ع ۾ قتل ڪرڻ کانپوءِ جوابدار سندس بئنڪ اڪائونٽن مان هزارين پائونڊ حاصل ڪيا ۽ سندس نالي تي ڪريڊٽ ڪارڊ پڻ ٺهرايا، جڏهن ته لاش فليٽ جي فريزر ۾ لڪايل رهيو.

استغاثه موجب، جوابدار 18 مهينن کان وڌيڪ عرصي تائين مقتولا جي موجودگي بابت سندس دوستن کي ڪوڙ ڳالهائيندو رهيو. هو اي ميلز ۽ فون پيغامن ذريعي پاڻ کي ڊيليا ظاهر ڪندو هو، جيئن ڪنهن کي سندس گمشدگي جو شڪ نه پوي.

عدالت کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته جوابدار کي جڏهن ڊيليا جي پرتگال منتقل ٿيڻ واري منصوبي جي خبر پئي ته هن هڪ وڏو هٿوڙو ۽ هٿ سان هلندڙ آري سميت ڪجهه شيون خريد ڪيون، جيڪي مبينا طور قتل ۽ لاش جا ٽڪرا ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيون يا گهربل هيون. جوابدار اهي دوائون پڻ حاصل ڪيون، جن جا آثار بعد ۾ مقتولا جي جسم مان مليا.

ڪيس جي ٻڌڻي دوران ٻڌايو ويو ته 11 اپريل 2023ع تي جارج گورڊن ڊيليا جي پنهنجي پالتو گني پگز سان گڏ هڪ وڊيو ٺاهي هئي، جيڪا سندس زندگيءَ جي آخري وڊيو ثابت ٿي.

استغاثه موجب، جوابدار تي الزام آهي ته هن 11 اپريل جي شام يا 12 اپريل جي شروعاتي ڪلاڪن ۾ ڊيليا کي قتل ڪيو. 12 اپريل تي مقتولا جي بئنڪ اڪائونٽ مان 2 هزار پائونڊ کان وڌيڪ رقم جوابدار جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي وئي.

ان کانپوءِ جوابدار هڪ پب ۾ وڃي ناشتو ڪيو، بيئر ۽ وسڪي پيتي ۽ پوءِ آن لائين شاپنگ ويب سائيٽ ايمازون تان هڪ وڏو فريزر آرڊر ڪيو.

عدالت کي ٻڌايو ويو ته جارج گورڊن 24 اپريل تي پرتگال ويو، جتي مقتولا جي ملڪيت تي پڻ ويو ۽ سندس دوستن توڙي پاڙيسرين کي اهڙا پيغام موڪليندو رهيو، ڄڻ اهي پيغام پاڻ ڊيليا موڪلي رهي هجي.

جوابدار ڪيئن پڪڙيو ويو؟

مقدمې موجب، جوابدار جو ڪوڙ ڊسمبر 2025ع ۾ ان وقت ظاهر ٿيڻ شروع ٿيو، جڏهن هن ڪرس ڪيوينڊش گورڊن جي نالي سان برطانيا جي ڊپارٽمينٽ فار ورڪ اينڊ پينشنز کي درخواست موڪلي. درخواست ۾ پاڻ کي سماجي ورڪر ظاهر ڪندي ڊيليا جي معذوري واري مالي مدد (Personal Independence Payment) ٻي بئنڪ اڪائونٽ ۾ منتقل ڪرڻ جي گهر ڪئي وئي.

ان درخواست کانپوءِ اختيارين ٽيليفون ذريعي پڇا ڳاڇا ۽ مالي معاملن جي جاچ شروع ڪئي، جنهن دوران جوابدار جي سرگرمين بابت شڪ مضبوط ٿيو.

آخرڪار 8 جنوري تي پوليس جارج گورڊن کي سندس فليٽ مان گرفتار ڪري ورتو. پوليس اهلڪار جڏهن کيس فليٽ مان ٻاهر وٺي وڃي رهيا هئا ته هن چيو ته ”هوءَ اندر آهي“ ۽ پوءِ ٻڌايو ته ”هوءَ فريزر ۾ آهي.“

قتل جو اعتراف، پر پاڻ بچائڻ جي دعويٰ

عدالت کي ٻڌايو ويو ته جارج گورڊن ڊيليا کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪري چڪو آهي، پر سندس موقف آهي ته هن اهو عمل پنهنجي بچاءَ ۾ ڪيو هو. شروعات ۾ هن پوليس کي ٻڌايو هو ته مقتولا وڌيڪ دوائون کائڻ سبب تڪليف ۾ هئي ۽ هن سندس تڪليف ختم ڪرڻ لاءِ هٿوڙي سان وار ڪيا هئا.

جارج گورڊن قتل ۽ جانورن کي غير ضروري تڪليف پهچائڻ جي الزامن کي رد ڪري رهيو آهي.

اهو ڪيس ليورپول ڪرائون ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، جنهن جي ڪارروائي لڳ ڀڳ ڇهه هفتا جاري رهڻ جو امڪان آهي. ڪيس جو حتمي فيصلو اڃا سامهون ناهي آيو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں