قطر سوشل ميڊيا ۽ ٻين آن لائين پليٽ فارمن تي گردش ڪندڙ انهن خبرن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جن ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جاري ڳالهيون ڪنهن معاهدي تي پهچڻ کانسواءِ ناڪام ٿي ويون آهن.
رپورٽ موجب قطر جي عالمي ميڊيا آفيس پاران جاري ڪيل بيان ۾ اهڙين خبرن کي غلط ۽ گمراهه ڪندڙ قرار ڏيندي چيو ويو آهي ته قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان آل ثاني جي بيانن کي ڄاڻي واڻي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو آهي.
قطري بيان موجب، اهڙيون خبرون پکيڙيندڙ عنصر خطي ۾ جنگ ۽ عدم استحڪام جاري رکڻ مان فائدو حاصل ڪرڻ چاهين ٿا.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته انهن مان ڪيترائي دعوائون جعلي سوشل ميڊيا اڪائونٽس ذريعي پکيڙيون پيون وڃن، جن جو مقصد سفارتي ڪوششن کي نقصان پهچائڻ ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ کي وڌيڪ وڌائڻ آهي. قطر اهڙي عمل کي انتهائي غير ذميواراڻو قرار ڏنو آهي.
قطر جي عالمي ميڊيا آفيس واضح ڪيو آهي ته وزيراعظم پنهنجي بيان ۾ تصديق ڪئي هئي ته ايران ۽ آمريڪا جا ٻئي ڌريون اڃا تائين ڪنهن معاهدي تي پهچڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيون آهن.
بيان موجب، قطر جا ثالث آمريڪا ۽ ايران ٻنهي سان مسلسل ويجهي رابطي ۾ آهن، جيئن جاري ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ ۽ ڪنهن ممڪن معاهدي تائين پهچڻ لاءِ سفارتي ڪوششن جي حمايت جاري رکي سگهجي.
قطر جي تازي وضاحت اهڙي وقت سامهون آئي آهي، جڏهن ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين جي نتيجن بابت مختلف دعوائون سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهيون آهن.