آمريڪا ايران جي جوهري پروگرام بابت اهم معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ 20 ملين ڊالر، يعني 2 ڪروڙ ڊالر تائين انعام ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪي حڪومت طرفان اها آڇ ايران جي جوهري پروگرام سان لاڳاپيل تنصيبات، سامان، سائنسدانن ۽ ٻين اهم ماڻهن بابت معلومات فراهم ڪندڙن لاءِ ڪئي وئي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري بي بي سي موجب، آمريڪي پرڏيهي کاتي جي پروگرام ”ريوارڊز فار جسٽس“ طرفان جاري ڪيل اعلان ۾ چيو ويو آهي ته ايران جي جوهري پروگرام سان لاڳاپيل سهولتن، استعمال ٿيندڙ اوزارن، سائنسدانن ۽ ٻين ماڻهن بابت مستند معلومات فراهم ڪندڙن کي 20 ملين ڊالر تائين انعام ڏنو ويندو.
اعلان موجب، ان انعامي آڇ ۾ جوهري پروگرام سان لاڳاپيل سامان ۽ اوزارن جي منتقلي بابت معلومات پڻ شامل آهي، جنهن ذريعي آمريڪي اختيارين ايران جي جوهري سرگرمين ۽ ان سان لاڳاپيل نيٽ ورڪن بابت وڌيڪ تفصيل حاصل ڪرڻ چاهين ٿا.
آمريڪي پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته ان قدم جو بنيادي مقصد آمريڪا جي قومي سلامتي ۽ مفادن جو تحفظ ڪرڻ آهي.
ان حوالي سان آمريڪي حڪومت عالمي جوهري توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي 2025ع واري رپورٽ جو پڻ حوالو ڏنو آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته ايران يورينيم کي 60 سيڪڙو تائين افزودہ ڪيو هو.
واضح رهي ته آمريڪي پرڏيهي کاتو ان کان اڳ به ايران جي تيل جي وڪري، تيل جي عالمي منتقلي جي نيٽ ورڪن ۽ ايران جي پاسدارانِ انقلاب بابت اهم معلومات فراهم ڪندڙن لاءِ انعامن جو اعلان ڪري چڪو آهي.
تازي اعلان کي ايران جي جوهري پروگرام بابت آمريڪا جي وڌندڙ ڳڻتي ۽ ان سلسلي ۾ معلومات گڏ ڪرڻ جي ڪوششن جي اهم اڳڀرائي طور ڏٺو پيو وڃي.