اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ ٻن ڏھاڪن کانپوءِ سامونڊي حدن اندر تيل ۽ گئس جي ذخيرن جي ڳولا جون سرگرميون ٻيهر شروع ٿيڻ واريون آهن، جنهن لاءِ ترڪي جي پيٽروليم آف شور ڪمپني (TPOC) جو خاص سيسمڪ سروي جهاز 17 کان 20 نومبر دوران ڪراچي پهچندو.
رپورٽ موجب، ترڪي جي ڪمپني اوڀر آف شور انڊس سي بلاڪ جي آپريٽرشپ حاصل ڪري ورتي آهي، جنهن تحت پاڪستان ۽ ترڪي جي گڏيل منصوبي ۾ ترڪ ڪمپني جا 25 سيڪڙو، پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ (پي پي ايل) جا 35 سيڪڙو، جڏهن ته آئل اينڊ گئس ڊولپمينٽ ڪمپني (او جي ڊي سي ايل) ۽ ميري انرجيز جا 20، 20 سيڪڙو حصا هوندا.
ترڪ ڪمپني جو خاص جهاز سمنڊ جي تري هيٺ موجود زميني ۽ ارضياتي بناوتن جو جائزو وٺڻ لاءِ سيسمڪ سروي ڪندو. ان سروي ذريعي امڪاني تيل ۽ گئس جي ذخيرن جي موجودگي بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۽ مستقبل ۾ کوٽائي لاءِ مناسب هنڌن جي نشاندهي ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
جڏهن ته اختيارين واضح ڪيو آهي ته رڳو سروي ذريعي تجارتي بنيادن تي تيل ۽ گئس جا ذخيرا حاصل ٿيڻ جي تصديق نه ٿيندي، ان لاءِ وڌيڪ کوٽائي ۽ فني توڙي تجارتي جائزو وٺڻ ضروري هوندو.
ٻئي طرف وفاقي وزير پيٽروليم علي پرويز ملڪ جمعي ڏينهن اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ترڪ سروي جهاز جي آمد ۽ مهم جي شروعات لاءِ تيارين جو جائزو ورتو.
اجلاس دوران وفاقي وزير لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته سامونڊي اجازت نامن، بندرگاهه جي ڪارروائين، سيڪيورٽي، آپريشنل انتظامن ۽ ٻين ضروري معاملن کي وقت سر مڪمل ڪيو وڃي، جيئن سروي مهم بنا ڪنهن رنڊڪ جي شروع ٿي سگهي.
علي پرويز ملڪ پاڪ-ترڪ توانائي سهڪار ۾ هن اڳڀرائي کي تاريخي سنگ ميل قرار ڏيندي چيو ته هو ترڪ جهاز جي ڪراچي پهچڻ تي پاڻ ان جي آجيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا.
هن ترڪ وفد کي مڪمل سرڪاري سهڪار جي خاطري پڻ ڪرائي، جڏهن ته ترڪ ڪمپني جي پروجيڪٽ مئنيجر پاڪستاني ادارن جي سهڪار تي اطمينان جو اظهار ڪندي سروي مهم جي ڪاميابي جي اميد ظاهر ڪئي.
اجلاس ۾ پيٽروليم سيڪريٽري، ڊائريڪٽر جنرل پيٽروليم ڪنسشنز، او جي ڊي سي ايل، پي پي ايل ۽ گورنمينٽ هولڊنگز جا سربراهه، پرڏيهي معاملن، دفاع، گهرو معاملن، سامونڊي معاملن واري وزارت، بورڊ آف انويسٽمينٽ ۽ لاڳاپيل بحري توڙي بندرگاهن جي ادارن جا نمائندا پڻ شريڪ ٿيا.
واضح رهي ته پاڪستان پنهنجي وڌندڙ توانائي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ درآمدي تيل ۽ گئس تي ڀاڙي رهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ سامونڊي حدن اندر تيل ۽ گئس جي ذخيرن جي ڳولا جي هيءَ نئين ڪوشش ڪامياب ٿيڻ جي صورت ۾ ملڪ جي توانائي وسيلن ۾ واڌ ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري جا نوان موقعا پيدا ٿي سگهن ٿا.