اسلام آباد: ارسا خطري جي گھنٽي وڄائيندي ھلندڙ سال خريف جي فصل لاءِ سنڌ کي 29 ۽ پنجاب کي 31 سيڪڙو گھٽ پاڻي جو خدشو ظاھر ڪري ڇڏيو.
انڊس ريور سسٽم اٿارٽي جي ٽيڪنيڪل ڪميٽي اجلاس جا منٽس جاري ڪيا ويا آھن، ارسا 2026 ۾ پاڻي جي دستيابي بابت سفارشن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آھي.
ارسا مطابق آڪٽوبر 2025ع کان مارچ 2026ع دوران 20.356 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي جي آمد رڪارڊ ڪئي وئي، ڪوٽڙي جي ھيٺ پاڻي 5.596 ملين ايڪڙ فٽ جڏھن تھ گذريل سال 0.470 ملين ايڪڙ فٽ ھو، پاڻي جو صوبائي استعمال 20 مارچ 2026ع تائين منصوبابندي کان گھٽ رھيو.
ايندڙ ارسا مشاورتي ڪميٽي اجلاس کان اڳ تمام لاڳاپيل ڌرين جو گڏيل اجلاس گھرايو ويندو.