حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ رابطا، وزيراعظم جي محمود خان اچڪزئي کي ڳالھين جي دعوت

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: حڪومت ھڪ ڀيرو ٻيھر اپوزيشن کي ڳالھين جي دعوت ڏئي ڇڏي.

ذريعن مطابق وزيراعظم اپوزيشن ليڊر محمود خان اچڪزئي کي ملاقات جو پيغام موڪلي ڇڏيو، وزيراعظم اپوزيشن ليڊر کي وزيراعظم آفيس يا ھائوس ۾ ملاقات جي دعوت ڏني.

ذريعن جو چوڻ آھي تہ محمود خان اچڪزئي وزيراعظم آفيس يا ھائوس ۾ ملاقات کان معذرت ڪري ڇڏي، جڏھن تہ اپوزيشن ليڊر غير جانبدار ھنڌ تي ملاقات جي تجويز ڏئي ڇڏي.

ابتدائي طور تي محمود خان اچڪزئي وفاقي وزير ثناءَ اللھ جي رھائشگاھ تي ملاقات تي راضپو ظاھر ڪيو آھي.

ذريعن مطابق حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ پيغام رسائي گذريل ھفتي ٿي، ملاقات ۾ سياسي صورتحال سميت چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن جي مقرري تي بہ ڳالھيون ٿينديون.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں