حڪومت ھڪ ليٽر پيٽرول تي 145 رپيا ڪمائي رھي آھي: رپورٽ

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) ۽ وزارت توانائي جي سرڪاري انگن اکرن تي ٻڌل مائونٽين وينچرز جي تجزئي مطابق پاڪستان ۾ صارفين پيٽرول تي في ليٽر لڳ ڀڳ 145 رپيا ٽيڪس ادا ڪري رھيا آھن.

9 مئي 2026 کان لاڳو قيمتن مطابق پيٽرول جي وڌ کان وڌ ديپو قيمت 414.78 رپيا في ليٽر آھي، جنھن مان 144.26 رپيا يا 34.8 سيڪڙو ٽيڪسز ۽ ليويز تي ٻڌل آھي.

مائونٽينوينچرز دبئي ۾ قائم ھڪ مشاورتي ادارو آھي جيڪو توانائي، ٽيڪنالوجي ۽ مارڪيٽ ري اسٽرڪچرنگ جي شعبن تي ڪم ڪندو آھي ۽ مختلف سيڪٽرز بابت تجزياتي رپورٽس شايع ڪندو آھي.

انھن ٽيڪسز ۾ سڀ کان وڏو حصو پيٽروليم ڊيولپمينٽ ليوي (پي ڊي ايل) جو آھي، ۽ صرف ليوي جي مد ۾ 117.41 رپيا في ليٽر وصول ڪيا پيا وڃن. ان کان علاوھ ڪسٽمز ڊيوٽي 24.35 رپيا جڏھن تہ ڪلائمٽ سپورٽ ليوي 2.50 رپيا في ليٽر آھي.

پيٽرول جي اصل لاڳت 246.76 رپيا في ليٽر آھي جيڪا ريٽيل قيمت جو 59.5 سيڪڙو ٺھي ٿو. ان کان علاوھ مارڪيٽنگ ۽ ورھاست جا خرچ 23.76 رپيا في ليٽر (5.7 سيڪڙو) آھن، جن ۾ 7.25 رپيا ان لينڊ فريٽ ايڪوئلازيشن مارجن (آئي فيم)، 7.87 رپيا آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جو مارجن ۽ 8.64 رپيا ڊيلرز جو ڪميشن شامل آھي.

ھاءِ اسپيڊ ديزل (ايڇ ايس ڊي) لاءِ وڌ کان وڌ ڊيپو قيمت 414.58 رپيا في ليٽر آھي. ان ٻارڻ جي اصل لاڳت 314.16 رپيا في ليٽر آھي، جيڪا ٽوٽل قيمت جو 75.8 سيڪڙو ٺھي ٿي.

ڊيزل تي ٽيڪسز 76.16 رپيا في ليٽر آھي، جيڪا ٽوٽل قيمت جو 18.4 سيڪڙو ٺھي ٿي. ان ۾ 42.60 رپيا پي ڊي ايل، 31.06 رپيا ڪسٽمز ڊيوٽي ۽ 2.50 رپيا ڪلائمٽ سپورٽ ليوي شامل آھي.

مارڪيٽنگ ۽ ورھاست جا خرچ وڌيڪ 24.27 رپيا في ليٽر (5.8 سيڪڙو) آھن، جن ۾ 7.76 رپيا آئي فيم، 7.87 رپيا آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جو مارجن ۽ 8.64 رپيا ڊيلرز جو ڪميشن شامل آھي.

انگن اکرن مان پيٽرول ۽ ڊيزل جي وچ ۾ ٽيڪس جي بار ۾ نمايان فرق واضح آھي. پيٽرول تي ڊيزل جي مقابلي ۾ لڳ ڀڳ ٻيڻا ٽيڪس لاڳو آھن ۽ صارفين پيٽرول تي في ليٽر 68 رپيا وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪري رھيا آھن. اھو فرق بنيادي طور تي پيٽرول تي وڌيڪ پيٽروليم ڊيولپمينٽ ليوي جي ڪري آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں