آمريڪي ٽي وي سي اين اين امڪان ظاھر ڪيو آھي تہ نائب صدر جي ڊي وينس ايران سان ڳالھين جي ٻئي رائونڊ ۾ بہ آمريڪي وفد جي قيادت ڪندو.
آمريڪي ٽي وي موجب جنگبندي ختم ٿيڻ کان اڳ جيڪڏھن ايران سان ھڪ ٻي گڏجاڻي طئي ٿي تہ ان جي ممڪنہ قيادت نائب صدر جي ڊي وينس ڪندو.
آمريڪي وفد ۾ صدر ٽرمپ جو خاص نمائندو اسٽيو وٽڪوف ۽ ناٺي جيرڊ ڪشنر بہ شامل ھوندا.
ان کان اڳ صدر ٽرمپ ايران سان ڳالھين جو سلسلو ايندڙ ٻن ڏينھن ۾ بحال ٿيڻ جو امڪان ظاھر ڪيو ھو.
آمريڪي ميڊيا موجب يورينئيم جي افزودگي معطل ڪرڻ جي عمل جو ٽائيم فريم بہ شامل آھي. آمريڪا اھو بہ چاھي ٿو تہ ايران جي نيوڪليئر افزودگي سان جڙيل تنصيبات کي ختم ڪيو وڃي ۽ آبنائي ھرمز ٻيھر فوري طور تي کوليو وڃي.