تحرير -شڪيل سومرو
جيئي سنڌ ھلچل جي باني سائين جي ايم سيدجي فڪر سان واڳيل جئي سنڌ جي قومپرست سياست هڪ دفعو ٻيهر ڌڙي بندي، تنظيمي اختلافن ۽ اندروني ٽڪراءَ جو شڪار بڻجي وئي آهي. جنهن تحريڪ جو بنياد فڪري اتحاد، قومي شعور ۽ اجتماعي جدوجهد تي رکيو ويو هو، سا اڄ ڪيترن گروپن، ڌڙن ۽ اختلافن ۾ ورهائجي چڪي آهي.
تازو رتيديري واري صورتحال کانپوءِ جيئي سنڌ قومي محاذ (جسقم) اندر نئون تنظيمي بحران سامهون آيو آهي، جتي چونڊيل سينئر وائيس چيئرمين آڪاش ملاح ۽ وائيس چيئرمين فقير رمضان ڪلوڙ جي اڳواڻي ۾ مرڪزي باڊي جي ڪيترن عهديدارن پاران چيئرمين صنعان قريشي جي رويي خلاف سخت احتجاج ڪندي تنظيمي سرگرميون معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. اهو قدم تنظيم اندر موجود اعتماد جي بحران ۽ قيادتي اختلافن کي وڌيڪ واضح ڪري ٿو.
ان کان اڳ 7 اپريل تي رتو ديرو ۾ شهيد بشير خان قريشي جي ورسي واري جلسي جي موقعي تي تنظيم اندر شديد اختلاف سامهون آيا، جتي هڪٻئي خلاف نعري بازي ۽ گروهي ٽڪراءَ جي صورتحال پيدا ٿي، جنهن سان جئي سنڌ جي سياسي اتحاد ۽ تنظيم تي وڌيڪ سوال اٿيا.
جسقم جي تاريخي ورهاست ۽ ڌڙي بندي
جئي سنڌ جي موجوده بحران کي سمجهڻ لاءِ ان جي تاريخي پسمنظر کي ڏسڻ ۽ سمجهڻ ضروري آهي. سائين جي ايم سيد جي وفات کانپوءِ سائين جي ايم سيد جي فڪر سان واڳيل مختلف قومپرست ڌڙن گڏ ٿي انضمام ڪري جئي سنڌ قومي محاذ (JSQM) جو بنياد وڌو، جنهن جو مقصد سنڌ جي قومپرست سياست کي هڪ مرڪزي تنظيم هيٺ آڻڻ هو.
جسقم جي پهريون دور جو
چيئرمين: عبدالواحد آريسر ۽
جنرل سيڪريٽري: بشير خان قريشي کي چونڊيو ويو
پر تنظيم اندر شروعات کان ئي قيادتي اختلاف ۽ تنظيمي پاليسين تي ٽڪراءَ موجود رهيا. ڪجهه وقت کانپوءِ مختلف اڳواڻن تنظيمي پاليسين، چونڊن ۽ قيادت جي طرز تي سوال اٿارڻ شروع ڪيا، جنهن سان اندروني فاصلا وڌندا ويا.
جئي سنڌ محاذ جي اڳواڻ عبدالخالق جوڻيجو ان انضمام جي مخالفت ڪندي الڳ تنظيم يعني جئي سنڌ محاذ کي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو.
اڳتي هلي جسقم اندر مختلف دورن ۾:
عبدالواحد آريسر
بشير خان قريشي
شفيع ڪرناڻي
سيد زين شاهه
جي قيادت جا مرحلا آيا، پر تنظيم اندر اختلاف مسلسل برقرار رهيا.
نتيجي طور، جسقم آهستي آهستي ڪيترن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي.
جسقم مان مختلف وقتن تي نوان گروپ وجود ۾ آيا: انهن اختلافن جي نتيجي ۾ سيد زين شاھ جسقم کي خيرباد چئي جئي سنڌ محاذ کي بحال ڪري ان جو صدر چونڊيو ويو.
عبدالواحد آريسر
جسقم آريسر گروپ جي شڪل ۾ پنهنجو الڳ ڌڙو ٺاهي سياست جاري رکي جڏھن ته بشير خان قريشي به ساڳئي نالي جسقم جي پليٽ فارم تان ساڳئي جهنڊي ۽ نعري هيٺ سياست جاري رکي .اڳتي هلي بشير قريشي جي قيادت واري جسقم مان ڊاڪٽر صفدر سرڪي تنظيمي ۽ پاليسي اختلاف رکندي جئي سنڌ تحريڪ کي بحال ڪري ڇڏيو.ائين سيد زين شاھ واري جئي سنڌ محاذ مان رياض چانڊيو هڪ وڌيڪ جئي سنڌ محاذ جو بنياد رکي ساڳئي جهنڊي ۽ نعري هيٺ الڳ قومپرست سياست جي شروعات ڪئي. شفيع ڪرناڻي ,شبير جمالي ,سورهيه سنڌي جئي سنڌ تحريڪ جي پليٽ فارم تان الڳ سياست ڪندا رهيا. نواز خان زئنور فڪر جي ايم سيد هيٺ نئون ڌڙو ٺاهي الڳ سياست ڪرڻ شروع ڪئي ائين فڪر جي ايم سيد هيٺ ڪيترائي ڌڙا قائم ٿي ويا
انهن ورهاستن ۽ ڌڙي بندي سان جئي سنڌ جي سياست هڪ متحد تحريڪ بدران ڪيترن ننڍن وڏن گروپن ۾ ورهائجي وئي.
تازو جسقم مان هڪ وڌيڪ وڏو ڌڙو ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي اڳواڻي ۾ ان وقت وجود ۾ آيو، جڏهن تنظيم اندر چونڊون نه ڪرائڻ ۽ قيادتي عدم شفافيت جا الزام لڳايا ويا. هن گروپ پنهنجو الڳ سياسي سفر شروع ڪندي “جسقم شهيد بشير قريشي” جي نالي سان نئين تنظيم جو بنياد وڌو، جنهن ۾ بعد ۾ آصف بالادي جهڙا اڳواڻ به شامل ٿيا.
جئي سنڌ جي سياست جو تاريخي سفر ڏيکاري ٿو ته هي تحريڪ شروع کان ئي:
فڪري طور طاقتور
پر تنظيمي طور ڪمزور
۽ قيادت جي تڪرارن جو شڪار رهي آهي
نتيجي طور، هڪ گڏيل قومي تحريڪ بدران ڪيترن ڌڙن، گروپن ۽ نالن ۾ ورهائجي وئي آهي.
اڄ جي صورتحال ۾ جئي سنڌ جي سياست آڏو هڪ ڀيرو ٻيهر ساڳيو سوال سامهون اچي بيٺو آهي:
ڇا سنڌ جي قومپرست سياست پنهنجو اتحاد بحال ڪري سگهندي، يا ڌڙي بندي ۽ اختلاف ئي ان جو مستقل سياسي مقدر رهندا؟
جئي سنڌ جي قومپرست سياست: ڌڙي بندي جي تاريخ ۽ سبب
1972 کان اڄ تائين هڪ تفصيلي جائزو
سائين جي ايم سيد جي فڪر سان واڳيل جئي سنڌ جي قومپرست سياست سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ هڪ اهم نظرياتي تحريڪ طور اڀري. هي سياست شروع ۾ شاگرد تحريڪ، پوءِ عوامي قومپرست سياست ۽ بعد ۾ ڪيترن تنظيمي ڌڙن ۾ ورهائجي وئي. وقت سان گڏ هي تحريڪ اتحاد کان وڌيڪ اختلافن، تنظيم سازي کان وڌيڪ ٽڪراءَ، ۽ نظريي کان وڌيڪ گروهي سياست جو شڪار بڻجندي رهي آهي.
1972ع ۾ سائين جي ايم سيد جي فڪر هيٺ جئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (JSSF) جو بنياد پيو، جيڪا سنڌ جي قومپرست شاگرد سياست جي نرسري بڻجي وئي.
ان جو پهريون مرڪزي صدر ڪجھ ذريعن جو چوڻ آهي ته اقبال ترين چونڊيو ويو,جڏھن ته ڪجھ ذريعا جساف جو پهريون صدر شاه محمد شاھ ۽ جنرل سيڪريٽري مدد علي سنڌي کي ڄاڻائن ٿا.
جئي سنڌ جي ڪهاڙي واري ڳاڙھي جهنڊي جو خالق اقبال ترين
ڪجهه وقت شاگرد سياست ۾ سرگرم رهيو
پوءِ پي ٽي وي جي ڊرامن ۾ اداڪاري ڏانهن ھليو ويو ۽ ان کان
بعد آمريڪا لڏي ويو.اقبال ترين ڪجھ سال اڳ سنڌ پيپلزپارٽي نالي سياسي جماعت ٺاهي، جيڪا اڳتي هلي غيرفعال ٿي وئي.
سائين جي ايم سيد 18 جون 1972ع تي “جيئي سنڌ محاذ” جي نالي سان سنڌ جي قومي تحريڪ جي پهرين منظم سياسي جماعت جو بنياد وڌو، جنهن جي قيادت هن پاڻ سنڀالي, تنظيم جي فڪري ۽ تنظيمي ڍانچي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ رئيس غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي کي جنرل سيڪريٽري طور ذميواري سونپي وئي.
سيد پنهنجي فڪر کي سائنسي، علمي ۽ عقلي دليلن تي استوار ڪيو، جنهن جو مرڪز جمهوريت، سوشلزم، قومپرستي ۽ سيڪيولرازم جهڙا بنيادي اصول هئا. اهي ئي اصول اڳتي هلي “جيئي سنڌ محاذ” ۽ ان جي شاگرد تنظيم جي منشور جو حصو بڻيا.
سيد پنهنجي فڪري سفر دوران سنڌي سماج جي نوجوانن، عالمن، اديبن، شاعرن ۽ دانشورن تي گهرو اثر ڇڏيو. هن مسلسل اهو موقف اختيار ڪيو ته سنڌ جا ماڻهو هڪ الڳ قوم آهن، جن جي پنهنجي تاريخ، ثقافت ۽ وطن آهي. ان فڪري دليل جي بنياد تي هن ڪيترائي ڪتاب پڻ لکيا.
سيد تاريخي شخصيتن بابت نئين فڪري تشريح پيش ڪئي، جنهن تحت هن راجا ڏاهر کي قومي شهيد طور پيش ڪيو ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي سنڌ جو عظيم فڪري مفڪر قرار ڏنو. هن سنڌ جي سياسي تاريخ کي نئين نظر سان ڏسندي ڌارين جي تسلط ۽ تاريخي روايتن تي تنقيدي بحث به ڪيو.
ساڳئي وقت هن مذهب ۽ سياست جي جداگانه حيثيت تي زور ڏيندي رياستي سرپرستيءَ هيٺ پيدا ٿيندڙ مذهبي شدت پسندي جي سخت مخالفت ڪئي. سندس موقف مطابق رياست کي ڪنهن به مذهبي نظريي جي بنياد تي نه هلڻ گهرجي.
ان فڪري جدوجهد دوران سيد کي مسلسل نظر بند رکيو ويو ته جيئن سندس سڌي رابطي کي عوام تائين محدود ڪيو وڃي. تنهن هوندي به سن ۾ سندس اوطاق فڪري مرڪز بڻيل رهي، جتي روزاني سرگرمين هيٺ ادبي ۽ سياسي نشستون جاري رهنديون هيون.
انهن حلقن ۾ شيخ اياز، ابراهيم جويو، پير حسام الدين راشدي، نياز همايوني، تنوير عباسي، محمد خان مجيدي، ايم. ايڇ. پنهور، غلام رباني آگرو، حفيظ قريشي سينيئر، ڪريم بخش نظاماڻي، استاد بخاري ,علڻ فقير، عابده پروين , مٺو ڪڇي,سرمد سنڌي سميت ڪيترائي نامور شاعر، اديب ۽ فنڪار شامل رهيا.
تحريڪ جي تنظيم سازيءَ ۾ مختلف ذيلي تنظيمون به وجود ۾ آيون، جن ۾ شاگردن ۽ مزدورن جون تنظيمون خاص اهميت رکن ٿيون. انهن تنظيمن ذريعي تحريڪ جو اثر تعليمي ادارن ۽ ٻهراڙين تائين پهتو، ۽ هڪ وسيع فڪري نيٽ ورڪ جڙيو.
پر وقت سان گڏ تحريڪ اندر نظرياتي ۽ تنظيمي اختلاف پڻ ظاهر ٿيڻ لڳا. پهريون وڏو اختلاف شاهه محمد شاهه جي قيادت هيٺ سامهون آيو، جنهن پارلياماني سياست ڏانهن وڃڻ جي راءِ ڏني. بعد ۾ هو مختلف سياسي اتحادن جو حصو بڻيو.
ان کان پوءِ تحريڪ اندر مختلف گروهه وجود ۾ آيا، جن تنظيمي اختلافن کي وڌايو ۽ نوجوانن ۾ فڪري مونجهارا پيدا ڪيا. ڪجهه حلقن پاران سيد جي فڪر تي به تنقيد ڪئي وئي، جنهن سبب تحريڪ ۾ اندروني ورهاست وڌندي وئي.
1975ع ۾ جساف جي دادو ڪنوينشن دوران به تنظيم اندر واضح ڌارائون سامهون آيون. هڪ گروهه مير مولا بخش لغاري، اختر ڪاڪيپوٽو ۽ گل محمد جکراڻي جي قيادت ۾ سرگرم ٿيو، جڏهن ته ٻيو گروهه ستار راجپر جي اڳواڻي ۾ “کڙتالي گروپ” طور اُڀريو.
انهن اختلافن دوران نه رڳو تنظيمي سطح تي ڇڪتاڻ پيدا ٿي، پر تعليمي ادارن ۾ به نظرياتي تڪرار ۽ گروهي سياست جا اثر وڌڻ لڳا، جنهن سان تحريڪ جي وحدت متاثر ٿي.
نتيجي طور، فڪرِ سيد جي بنياد تي اڀريل هي تحريڪ هڪ طرف فڪري طور وسيع ٿيندي رهي، پر ٻئي طرف اندروني اختلافن ۽ تنظيمي ٽڪراءَ ان جي سياسي قوت کي وقت بوقت ڪمزور به ڪيو.
جئي سنڌ جي شاگرد سياست مان ڪيترائي ناليوارا اڳواڻ قومپرست شاگرد سياست کي ڇڏي مختلف سياسي پارٽين ۾ وڃي شامل ٿيا اهڙي عمل سان جئي سنڌ جي سياست ۾ ڌڙي بندي جي شروعات ٿي. اهڙن اهم اڳواڻن ۾ جن جئي سنڌ جي سياست کي ڇڏي مختلف وفاقي ۽ قومپرست پارٽين ۾ شموليت اختيار ڪئي انهن اهم اڳواڻن ۾ نواز ليگ جو هن وقت مرڪزي نائب صدر سيد شاھ محمد شاھ ,ڊيموڪريٽڪ پارٽي جو چيف ارگنائيزر امان الله شيخ , اڳوڻو نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي , 1973 جي آئين جي خالق عبدالحفيظ پيرزادو کي سنڌ يونيورسٽي ڪانووڪيشن ۾ چماٽ ھڻندڙ اسماعيل وساڻ ,قمر راڄپر ۽ ٻيا ڪيترائي اڳواڻ شامل آهن.
جئي سنڌ ۾ نظرياتي ٽڪراءَ ۽ نون ڌڙن جي شروعات
جئي سنڌ جي سياست ۾ شروع کان ئي ٻه وڏا اختلاف نظر آيا:
سنڌ جي آجپي جي قومي جمهوري ۽ ھٿياربند سياست ۽ پارلياماني سياست
انهن اختلافن ڪيترن نون گروپن کي جنم ڏنو.
جئي سنڌ جي سياست مان ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ جي اڳواڻي ۾ ۾ نظرياتي ۽ تنظيمي اختلاف رکي هڪ وڏو سياسي ڌڙو الڳ ٿي ويو
ڪجھ سالن جي وقفي کانپوء ساڳئي قسم جا نظرياتي ۽ تنظيمي اختلاف رکي ادريس چانڊيو ,جڳديش آهوجا ۽ فيض پيرزادو جي اڳواڻي ۾ هڪ وڌيڪ ڌڙو الڳ ٿي ويو.
30 سيپٽمبر واقعي کانپوء وڏي سياسي شهرت ماڻيندڙ ڊاڪٽر قادر مگسي , ڊاڪٽر دودو مهيري , حيدر شاهاڻي ۽ ڊاڪٽر رحيم سولنگي جي اڳواڻي ۾ هڪ وڏو ڌڙو جئي سنڌ جي سياست کان الڳ ٿي سنڌ ترقي پسند پارٽي نالي نئين سياسي پارٽي جو بنياد وڌو.
اڳتي هلي ٽوڙھي ڦاٽڪ سانحي ڪيس ۾ سياسي شهرت ماڻيندڙ جساف جو مرڪزي صدر رهندڙ گل محمد جکرائي جئي سنڌ جي سياست کي خيرباد چئي پهرين سنڌ نيشنل فرنٽ ۽ بعد ۾ پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيو.
وقت گذرڻ سان جئي سنڌ جي قومپرست سياست مان سياسي شخصيتون , وڏا ۽ ننڍا ڌڙا ڌار ٿي مختلف سياسي پارٽين ۾ شامل ٿيندا رهيا .
جئي سنڌ جي سياست جي وڏن نالن سيد غلام شاھ , سيد زين شاھ , روشن ٻرڙو ۽ ٻين جئي سيد جي سياست کي خير باد چئي سائين جي ايم سيد جي پوٽي سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر رهندڙ سيد جلال محمود شاھ جي اڳواڻي ۾ پاڪستان جي فريم ورڪ ۾ رهي پارليماني سياست ڪندڙ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۾ شموليت ڪئي . سيد زين شاھ هن وقت ايس يو پي جو مرڪزي صدر آهي.
جساف ۽ جئي سنڌ جي سياست جو وڏو نالو ڊاڪٽر صفدر سرڪي ۽ ڊاڪٽر مير عالم مري قومپرست سياست تان رٽائرميٽ وٺي پنهنجي ذاتي زندگي گذاري رهيا آهن .
جئي سنڌ اندر مرحوم حبيب الله ناريجو ۽ مرحوم قمر ڀٽي ڊاڪٽر حميده کهڙو جي سياسي ڌڙي سان واڳيل رهيا . قمر ڀٽي “جئي سنڌ قومپرست پارٽي ” نالي الڳ ڌڙو ٺاهي سياست ڪئي.
شفيع برفت سائين جي ايم سيد جي عدم تشدد جي فلسفي خلاف راه ورتي سندس جماعت تي پابندي لاڳو ٿي سرڪار سندس گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا . 30 سيپٽمبر واقعي جو اسير صوفي لغاري (منور لغاري )سنڌ ترقي پسند پارٽي جو حصو رهيو ۽ هن وقت پرڏيھ ۾ جلاوطني واري زندگي گذاري رهيو آهي , هو جئي سنڌ جي ڳاڙھي ڪهاڙي واري جهنڊي ۽ فڪر سان واڳيل آهي پر جئي سنڌ جي ڪنهن ڌڙي بدران الڳ ڪم ڪري رهيو آهي
جئي سنڌ جي سياست کي خيرباد چئي مختلف سياسي ڌرين ۾ شامل ٿيندڙ يا پنهنجا الڳ سياسي پليٽفارم ٺاهيندڙ اهڙا ڪيترائي اڳواڻ آهن، جيڪي ڪنهن وقت هن تحريڪ جا سرگرم چهرا هئا، پر اڄ يا ته سياسي منظر تان غائب ٿي چڪا آهن، يا مکيه ڌارا جي سياست ۾ ضم ٿي ويا آهن. جيڪي ڪنهن دور ۾ جئي سنڌ جي سڃاڻپ هئا، اڄ ماضي جي ڪهاڻي بڻجي چڪا آهن ڪجهه گمنامي جي زندگي گذاري رهيا آهن، ڪجهه دنيا ڇڏِي ويا آهن ۽ ڪجهه پنهنجو سياسي رستو بدلائي چڪا آهن.
انهن وڏن نالن ۾ گل محمد جکراڻي , ڊاڪٽر دودو مهيري ,ذوالفقار منگي ,نواب لغاري جهڙا ڪافي اڳواڻ پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿي چڪا آهن . جساف جي قومپرست سياست جو وڏو نالو مرحوم ستار موريو به آخر ۾ جئي سنڌ جي سياست کي خيرباد چئي پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيو هو . 30 سيپٽمبر جو اسير ۽ سنڌ نيشنل پارٽي جو صدر امير عظيم ڀنڀرو پرڏيھ ۾ پاڻمرادو جلاوطني واري زندگي گذاري رهيو آهي . هن ڊاڪٽر دودو مهيري سان گڏجي سنڌ نيشنل پارٽي ٺاهي جنهن مان اڳتي هلي ڊاڪٽر دودو مهيري کي نيڪالي ڏئي امير عظيم پاڻ پارٽي جو صدر ٿيو . جساف سنڌ يونيورسٽي جو جنرل سيڪريٽري رهندڙ ڄام عبدالفتاح سميجو ايس ٽي پي جو مرڪزي وائيس چيئرمين آهي .مشتاق خان رهڙ هن وقت يو سي چيئرمين آهي , 30 سيپٽمبر جو اسير رهندڙ ڊاڪٽر قدير ميمڻ قومپرست سياست کان لاتعلقي ڏيکاري سماجي طور تي سرگرم آهي. گلزار سومرو, ڊاڪٽر حميد ميمڻ ڊاڪٽر احمد نوناري ,احسان لغاري ايس ٽي پي جو حصو آهن . نورالدين جمالي , محمد خان شيخ قومپرست فڪر سان واڳيل آهن پر قومپرست تنظيم جو حصو ناهن . جئي سنڌ جي سياسي هلچل دوران پهريون مسنگ پرسن ڊاڪٽر اديب انقلابي , باغي بجاراڻي ,سليمان جتوئي ,خادم سومرو اڄ به قومپرست فڪر سان واڳيل آهن پر تنظيمي طور تي ڪنهن قومپرست جماعت جو حصو ناهن . دلشاد ڀٽو سينئر ,استاد خالد چانڊيو قومپرست فڪر سان واڳيل قومي دانشور آهن پر ڪنهن به قومپرست سياسي تنظيم جو حصو ناهن . ناليوارو اديب ۽ جساف جي شاگرد سياست جو وڏو نالو انعام شيخ سرڪاري نوڪري تان رٽائرمينٽ وٺڻ بعد هن وقت ادبي کيتر ۾ سرگرم آهي. ڊاڪٽر علي احمد رند ,حميد سبزوئي , سهيل ميمڻ ,همسفر گاڏھي ,دلشاد ڀٽو جئي سنڌ جي ڪنهن تنظيم جو حصو هجڻ بدران صحافتي ۽ ادبي کيتر ۾ سرگرم آهن
هي سڄو منظر هڪ اهم سوال کي جنم ڏئي ٿو: ڇا جئي سنڌ جي سياست صرف شخصيتن جي اڀار ۽ زوال جي ڪهاڻي بڻجي وئي آهي، يا اهو فڪر اڃا به ڪنهن نئين نسل جي صورت ۾ جيئرو آهي؟
وقت ثابت ڪيو آهي ته نظريا مرندا ناهن، پر انهن کي اڳتي کڻڻ لاءِ منظم قيادت، واضح حڪمت عملي ۽ گڏيل سياسي ارادو ضروري هوندو آهي. جئي سنڌ جي سياست به شايد اڄ انهي موڙ تي بيٺل آهي، جتي ان کي ٻيهر پنهنجي سڃاڻپ، پنهنجي رستي ۽ پنهنجي اتحاد بابت فيصلو ڪرڻو پوندو.