هيڊنگلي انٽرنيشنل ڊيسڪ): انگلينڊ جي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان جو روٽ پاڪستان خلاف پهرين ٽيسٽ ۾ شاندار فيلڊنگ ڪندي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيچز ڪندڙ وڪيٽ ڪيپر کانسواءِ فيلڊر جو عالمي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو.
جو روٽ هيڊنگلي ۾ پاڪستان خلاف پهرين ٽيسٽ جي ٻي اننگز دوران فاسٽ بالر آرچر جي بال تي اذان اويس جو تيز ڪيچ ليگ سلپ ۾ پڪڙي آسٽريلوي ڪرڪيٽر اسٽيو سمٿ جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.
اهو جو روٽ جو ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ فيلڊر طور 219هون ڪيچ هو، جڏهن ته اسٽيو سمٿ پنهنجي ٽيسٽ ڪيريئر دوران 218 ڪيچز پڪڙيا هئا.
جو روٽ جي نئين عالمي رڪارڊ سان گڏ انگلينڊ پاڪستان خلاف پهرين ٽيسٽ ۾ به شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي. انگلينڊ پاڪستان کي هڪ اننگز ۽ 103 رنسن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي برتري حاصل ڪري ورتي.
238 رنسن جي خساري سان ٻي اننگز شروع ڪندڙ پاڪستاني ٽيم جي بيٽنگ هڪ ڀيرو ٻيهر ناڪام رهي ۽ سموري ٽيم 38هين اوور ۾ 135 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.
انگلينڊ جي ڪاميابي سان گڏ جو روٽ جو رڪارڊ پڻ ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ هڪ اهم سنگِ ميل بڻجي ويو.