اسلام آباد: پاور ڊويزن چيو آھي تہ جون ۾ بجلي جي قيمت ۾ ڪو بہ اضافو نہ ٿيندو، بجلي صارفين کي 5 کان 6 رپيا في يونٽ ماھوار فيول ايڊجسٽمنٽ جي بار کان بچايو ويو.
پاور ڊويزن جي ترجمان مطابق ايل اين جي بندش، مھانگي فرنس آئل جي استعمال جي باوجود صارفين تي اضافي بار نہ پوندو.
ترجمان چيو تہ پاور ڊويزن صارفين کي ممڪنہ 38 ارب رپين جي اضافي بار کان بچايو آھي، ماھوار فيول ايڊجسٽمنٽ کي 1.73 رپيا في يونٽ جي اضافي تي روڪيو ويو آھي.
ترجمان مطابق پاليسين جي تسلسل، بجلي جي طلب ۾ اضافي، اسپيشل پئڪيج سبب صارفين کي رليف ڏنو ويو.مقامي گيس جي اضافي فراھمي ۽ درآمدي ڪول پلانٽس مان پيداوار مان لوڊ مئنجمينٽ کي گھٽ ڪيو ويو.
ترجمان ٻڌايو تہ پھرين ٽہ ماھي ۾ بجلي صارفين کي 65 ارب رپين جي واپسي ممڪن ٿي، پھرين ٽہ ماھي ايڊجسٽمنٽ سبب صارفين کي 1.93 رپيا في يونٽ رليف ڏنو ويو. ٽہ ماھي ايڊجسٽمنٽ ماھوار فيول ايڊجسٽمنٽ جي اثرن کي مڪمل طور تي ختم ڪري ڇڏيو.
ترجمان پاور ڊويزن مطابق ايندڙ مھيني ريفرنس ٽيرف ۾ ڪو اضافو نہ پر لڳ ڀڳ 20 پئسن تائين رليف ملڻ جي اميد آھي.