جنگ سٽيل ايران ۾ مھانگائي جو طوفان، عوام لاءِ ٻن وقتن جي ماني بہ مشڪل

فہرستِ مضامین

ايران ۾ جنگي صورتحال دوران مھانگائي عوام جي چيلھ ٽوڙي ڇڏي، خوراڪ جي قيمتن ۾ وڏي پئماني تي واڌ سبب لکين خاندانن لاءِ ضرورت جون بنيادي شيون خريد ڪرڻ بہ مشڪل ٿي ويو.

ايران جي شماريات واري اداري مطابق فارسي سال جي پھرين مھيني فروردين ۾ غذائي  مھانگائي جي شرح 115 سيڪڙو تائين وڃي پھتي، جڏھن تہ ڪيترين ئي بنيادي شين جون قيمتون ٽيڻ کان بہ وڌيڪ وڌي ويون.

انگن اکرن مطابق گيھ ۽ ڪوڪنگ آئل جي قيمتن ۾ سڀ کان وڌيڪ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، کاڄرو تيل 375، ڪوڪنگ آئل 308 سيڪڙو، درآمدي چانور 209 سيڪڙو، ايراني چانور 173 سيڪڙو جڏھن تہ مرغي 191 سيڪڙو مھانگي ٿي وئي.

ايراني صدر مسعود پزشڪيان عوام کي موجودھ حالتون سمجھڻ ۽ قومي يڪجھتي جو مظاھرو ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو آھي تہ مشڪلات ضرور آھن پر عوامي تعاون سان ان تي ضابطو آڻي سگھجي ٿو.

ٻئي طرف ايراني ڪرنسي بہ شديد دٻاءُ جو شڪار آھي، ھڪ آمريڪي ڊالر جي مقابلي ۾ ريال جي قدر ڪري لڳ ڀڳ 17 لک 70 ھزار تائين پھچي وئي آھي، جڏھن تہ ھڪ سال اڳ اھا شرح لڳ ڀڳ 8 لک 30 ھزار ھئي.

ماھرن مطابق جنگ، معاشي پابندين، بندرگاھن جي ناڪہ بندي ۽ انٽرنيٽ شٽ ڊائون ايران جي معيشت کي شديد بحران ۾ ڌڪي ڇڏيو آھي، جنھن جا اثر عام شھرين ۽ ڪاروبار ٻنھي تي تيزي سان پئجي رھيا آھن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں