جنگبندي باوجود اسرائيل جا غزھ ۾ فضائي حملا، 9 فلسطيني شھيد

فہرستِ مضامین

غزھ ۾ اسرائيلي فوج جي فضائي حملن ۾ 9 فلسطيني شھيد ٿي ويا.

جنگبندي جي باوجود غزھ ۾ اسرائيلي حملا جاري آھن، جتي خميس ڏينھن ھڪ سيڪيورٽي پوسٽ تي فضائي حملي جي نتيجي ۾ گھٽ ۾ گھٽ 2 فلسطيني پوليس اھلڪار شھيد ٿي ويا.

غزھ جي صحت واري وزارت مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي حملن ۾ مجموعي طور تي 9 فلسطيني شھيد جڏھن تھ 39 زخمي ٿيا.

صحت واري وزارت جي بيان ۾ چيو ويو آھي تھ اڃا بھ ڪيترائي متاثر ملبي ھيٺ ۽ روڊن تي مجود آھن، جڏھن تھ ايمبولينس ۽ سول ڊفينس جون ٽيمون ھن وقت تائين پھچي نھ سگھيون آھن.

ياد رھي تھ آڪٽوبر 2025ع ۾ ٿيندڙ جنگبندي بعد غزھ ۾ اسرائيلي حملن جي نتيجي ۾ 846 ڄڻا شھيد ۽ 2 ھزار 418 زخمي ٿي چڪا آھن.

صحت واري وزارت مطابق اسرائيل طرفان آڪٽوبر 2023ع ۾ غزھ تي جنگ شروع ڪرڻ بعد ھينئر تائين 72 ھزار کان وڌيڪ فلسطيني شھيد ٿي چڪا آھن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں