آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سامونڊي لنگھھ ھرمز تي مڪمل ڪنٽرول جي دعويٰ ڪري ڇڏي.
آمريڪي صدر وائٽ ھائوس ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تھ ھو سامونڊي لنگھھ ھرمز کولڻ لاءِ تيار آھي ۽ ايران سان اڃا معاھدو ڪري سگھون ٿا، بھتر ڊيل لاءِ ايران کي موقعو ڏنو پيو وڃي، ڊيل ٿيڻ جي صورت ۾ سامونڊي لنگھھ ھرمز کي کوليو ويندو.
آمريڪي صدر چيو تھ سامونڊي لنگھھ ھرمز جي ناڪابندي سبب ايران ڪاروبار نھ ڪري رھيو آھي، نٿا ڄاڻون تھ ايران ۾ ليڊر ڪير آھي، اسان ڳالھھ ٻولھھ ڪري رھيا آھيون پر ھو اندروني انتشار جو شڪار آھن.
آمريڪي صدر ايران ۾ 75 سيڪڙو تائين ھدف حاصل ڪرڻ جي دعويٰ بھ ڪئي.
آمريڪي صدر چيو تھ ايران ٻن ھفتن جي جنگبندي دوران ممڪنھ طور تي ڪجھھ حد تائين پنھنجي عسڪري صلاحيت بحال ڪئي ھجي جڏھن تھ آمريڪي فوج ھڪ ڏينھن ۾ ان کي ختم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي، صدر ٽرمپ ايران جي معملي ۾ ايٽمي ھٿيار استعمال نھ ڪرڻ جو بھ اعلان ڪيو.
صدر ٽرمپ چيو تھ ھو ايران سان ڊگھي مدي واري امن معاھدي لاءِ جلد بازي نھ ڪندو، سندس چوڻ ھو تھ ھو اھڙو معاھدو چاھي ٿو جيڪو ھميشھ قائم رھي.
آمريڪي صدر چيو تھ آمريڪين کي ڪجھھ عرصي لاءِ گيس ۽ پيٽرول جا اگھھ وڌيڪ ادا ڪرڻ جي توقع رکڻ گھرجي.