جاپان: غير قانوني اميگريشن خلاف ڪريڪ ڊائون وڌيڪ سخت، ھزارين پرڏيھي متاثر

فہرستِ مضامین

جاپان غير قانوني اميگريشن جي خلاف پنھنجي سخت پاليسين ۾ نرمي آڻڻ کان انڪار ڪندي ڪريڪ ڊائون وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيو ۽ تازن انگن اکرن دنيا جو ڌيان ڇڪرائي ڇڏيو آھي.

جاپاني حڪومت مطابق صرف ھڪ سال دوران ملڪ ۾ غير قانوني طور تي رھندڙ ماڻھن جي تعداد ۾ 6 ھزار 375 جي گھٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، جڏھن تہ پناھگير درخواستن ۾ ساڍا 3 ھزار کان وڌيڪ گھٽتائي آئي، انھي عرصي ۾ بيدخلين جي شرح ۾ 33.3 سيڪڙو اضافو ڏٺو ويو.

ٽوڪيوحڪومت جو زيرو غير قانوني رھائشي منصوبو ھاڻ پوري رفتار سان اڳتي وڌي رھيو  آھي، اھا پاليسي اڳوڻي وزيراعظم اشيبا جي دور ۾ سروع ٿي ھئي، پر ھاڻ ان کي سناي تڪائيچي جي قيادت ۾ وڌيڪ سختي سان لاڳو ڪيو پيو وڃي.

جاپاني حڪومت واضح ڪري ڇڏيو آھي تہ نہ عام معافي ڏني ويندي ۽ نہ ئي اوپن بارڊر جھڙي ڪا پاليسي اپنائي ويندي.

حڪومت جي حامين جو چوڻ آھي تہ جاپان يورپ ۾ پيدا ٿيندڙ اميگريشن بحران مان سبق سکندي پنھنجي سماجي نظم، ضبط ۽ قومي سڃاڻپ جو تحفظ ڪرڻ چاھي ٿو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں