اسلام آباد: عالمي مارڪيٽ ۾ تيل 126 ڊالر في بيرل تائين وڃڻ سان عالمي معيشت جي ڪمزوري بي نقاب ٿي وئي ۽ مھانگائي جو دٻاءُ ٻيھر وڌي ويو.
تيل جون قيمتون وڌڻ سان آمريڪا ۾ مھانگائي ھڪ کان 2 سيڪڙو پوائنٽس تائين وڌي سگھي ٿي، جنھن جي نتيجي ۾ مجموعي مھانگائي ٻيھر لڳ ڀڳ 5 سيڪڙو جي سطح جي ويجھو پھچڻ جو امڪان آھي.
جرمني ۾ لاجسٽڪس ۽ مال برداري جا خرچ بھ وڌي رھيا آھن، جنھن سبب صارفين جي شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿي رھيو آھي. مجموعي طور تي جرمني ۾ مھانگائي ھڪ کان 2 سيڪڙو پوائنٽس تائين وڌي سگھي ٿي، جڏھن تھ صنعتي پيداوار جي منفعي جي مارجنز تي دٻاءُ وڌي رھيو آھي جڏھن تھ ڀارت ۾ مھانگائي جي اثرن جو اندازو 0.5 کان 1.5 سيڪڙو پوائنٽس جي وچ ۾ لڳايو پيو وڃي.
پاڪستان ۾ معيشت جي ماھرن موجب جيڪڏھن تيل جون بلند قيمتون برقرار رھن ٿيون تھ مھانگائي ۾ 2 کان 4 سيڪڙو يا ان کان وڌيڪ اضافو ٿي سگھي ٿو، جڏھن تھ غذائي مھانگائي خاص طور تي شديد اضافي جي لاءِ وڌيڪ حساس آھي.
عالمي مارڪيٽون ھن وقت زوال جو شڪار ٿي ويون جڏھن برينٽ ڪروڊ انٽرا ڊي ۾ 126 ڊالر کان مٿي چار سال جي بلند ترين سطح تي پھچي ويو. ايس اينڊ پي 500 لڳ ڀڳ 1.3 سيڪڙو ڪري پيو، جڏھن تھ نسڊيڪ ڪمپوزٽ ۾ 1.6 سيڪڙو گھٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي.
يورپ ۾ ڊي اي ايڪس لڳ ڀڳ 1.7 سيڪڙو ھيٺ آيو، جڏھن تھ سي اي سي 40 ۾ 1.5 سيڪڙو جي وڏي گھٽتائي ڏٺي وئي. ان جي ابتڙ برطانيھ جو ايف ٽي ايس اي 100 ڪنھن حد تائين مستحڪم رھيو ۽ صرف 0.8 سيڪرو ڪريو.
ايشيا ۾ نڪئي 225 (2.2) سيڪڙو ڪري پيو جڏھن تھ پاڪستان ۾ ڪي ايس اي انڊيڪس 100 ۾ لڳ ڀڳ 0.6 سيڪڙو گھٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي.
30 اپريل 2026 تي عالمي مالياتي ۽ توانائي جي مارڪيٽن ۾ ان وقت شديد ھلچل پيدا ٿي وئي جڏھن آبناءِ ھرمز جي آسپاس وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ جارحاڻي جغرافيائي ۽ سياسي بيانن خام تيل جي قيمتن ۾ اوچتو اضافو ۽ عالمي حصص ۾ وڏي لاٿ کي جنم ڏنو.
ان صدمي جو بنيادي سبب دنيا جي سڀ کان اھم توانائي جي گذرگاھ ۾ سپلاءِ جي ڊگھي مدي واري معطلي جو خوف ھو. برينٽ ڪروڊ جي قيمت ھڪ ڏينھن دوران وڌي 126 ڊالر في بيرل جي بلند سطح تائين پھچي وئي، ان کان پوءِ اھا گھٽ ٿي لڳ ڀڳ 113 ڊالر في بيرل جي وچ ۾ اچي وئي.
اھا چار سالن جي بلند ترين سطح ھئي ۽ ھڪ ئي ڏينھن ۾ لڳ ڀڳ 10 کان 13 سيڪڙو اضافو ظاھر ڪري ٿو. اھڙي طرح ڊبليو ٽي آءِ بھ انھي رجحان سان ھليو، جيڪو مختصر وقت جي لاءِ 120 ڊالر في بيرل کان مٿي ويو ۽ پوءِ گھٽجي 104 کان 108 ڊالر في بيرل جي سطح جي ويجھو اچي ويو.
ايشيا ۾ دبئي ڪروڊ، جيڪو وچ اوڀر جي برآمدات جي لاءِ ھڪ اھم معيار آھي، 110 کان 125 ڊالر في بيرل جي وچ ۾ ٽريڊ ڪري رھيو ھو. گھڻو ڪري ان روايتي طور تي برينٽ ڪروڊ جي مقابلي ۾ پنھنجو رعايتي فرق گھٽ ڪري ورتو ۽ مختصر وقت جي لاءِ برابري يا معمولي پريميم تي بھ ٽريڊ ڪيو، جنھن سبب علائقائي سپلاءِ ۾ سڌي ريت دٻاءُ ھو. ريفائن ٿيل ٻارڻ جي قيمتن ۾ بھ نمايان اضافو ڏٺو ويو.