تحرير- فھميدہ رياض شھواڻي
ڇا اوھان ڄاڻو ٿا ته برطانيه ۾ هم جنس پرستي يا جنسي رجحان جي بنياد تي پناهه جي درخواست ڏيڻ وارن ۾ پاڪستاني شهري پهرين نمبر تي آهن،
ٻيا ڪهڙا ملڪ آهن ۽ مقامي وڪيل انهن جي ڪهڙي طرح مدد ڪري رهيا آهن، اچو ته ان جو جائزو وٺون۔
پاڪستان ۾ ايل جي بي ٽي ڪميونٽي پنهنجي موجودگي جو اظهار گذريل ڪجهه سالن کان کلي ڪري رهي آهي، ڪراچي ۾ ٽرانز مارچ ۾ به هن ڪميونٽي جا ماڻهو پنهنجي جهنڊن سميت شامل ٿين ٿا، جڏهن ته ڪلفٽن ۾ هڪ پارڪ ۾ فيسٽيول کي به روڪيو ويو هو، هي ڪميونٽي سوشل ميڊيا تي وڌيڪ سرگرم آهي ۽ پرائيڊ پاڪستان سميت مختلف نالن سان تنظيمون ڪم ڪري رهيون آهن۔
برطانوي نشرياتي اداري بي بي سي نيوز جي هڪ تحقيق ۽ سرڪاري انگن اکرن مطابق، پاڪستان سال 2023 ۾ جنسي رجحان يعني ايل جي بي ٽي جي بنياد تي پناهه جي درخواستون ڏيڻ وارن ملڪن ۾ سرفهرست رهيو۔
انگن اکرن مطابق پاڪستان مان 578 اهڙيون درخواستون داخل ڪيون ويون، جيڪي ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ سڀ کان وڌيڪ آهن، ٻئي نمبر تي بنگلاديش آهي جتان 175 درخواستون آيون، ان کان پوءِ نائيجيريا آهي جتان 103 درخواستون مليون، دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هي ٽئي مسلمان ملڪ آهن، ان کان پوءِ انڊيا مان 39 ۽ يوگينڊا مان 35 درخواستون شامل آهن۔
هي ڊيٽا برطانيه جي هوم آفيس پاران جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مجموعي طور وڏي انگ ۾ ماڻهن پنهنجي جنسي سڃاڻپ جي بنياد تي پناهه جي درخواستون ڏنيون آهن۔
بي بي سي جي تازي تحقيق ۾ اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته ڪجهه ڪيسن ۾ جعلي دعوا به سامهون آيا آهن، جتي ماڻهن کي غلط طريقي سان پناهه حاصل ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو ويندو آهي۔
تحقيق مطابق ڪجهه مشير ۽ قانوني فرمون پناهه وٺندڙن کي جڙتو ڪهاڻيون ٺاهي هم جنس پرست ظاهر ٿيڻ ۾ مدد ڏئي رهيون آهن ته جيئن اهي پناهه حاصل ڪري سگهن۔
خاص طور تي پاڪستان ۽ بنگلاديش سان تعلق رکندڙ ڪجهه ماڻهن کي سيکاريو پيو وڃي ته اهي ڪوڙيون ڪهاڻيون ۽ ثبوت تيار ڪن ته جيئن انهن جي درخواست مضبوط ٿئي۔
اهڙا ماڻهو، جن جا ويزا ختم ٿيڻ وارا هوندا آهن، انهن کي صلاح ڏني ويندي آهي ته اهي دعويٰ ڪن ته جيڪڏهن اهي پنهنجي ملڪ واپس ويندا ته انهن کي سندن جنسي سڃاڻپ جي ڪري خطرو هوندو۔
اهي گهڻو ڪري اهي ماڻهو هوندا آهن جن جا اسٽوڊنٽ، ڪم يا وزٽ ويزا ختم ٿيڻ وارا هوندا آهن ۽ اهي برطانيه ۾ رهڻ لاءِ پناهه کي آخري رستو سمجهندا آهن۔
خفيه تحقيق دوران اهو به سامهون آيو ته ڪجهه مشير هن ڪم لاءِ هزارين پائونڊ فيس وٺن ٿا ۽ مڪمل پيڪيج فراهم ڪن ٿا، جنهن ۾ جعلي بيان، تصويرون ۽ ٻيا ثبوت شامل هوندا آهن۔
رپورٽ مطابق ڪجهه ماڻهو ايل جي بي ٽي تقريبن ۾ وڃي تصويرون ڪڍرائين ٿا ته جيئن پنهنجي درخواست کي سچو ثابت ڪري سگهن، وڌيڪ اهو ته ڪجهه ڪيسن ۾ ماڻهن کي طبي ثبوت حاصل ڪرڻ لاءِ ڊپريشن يا ٻين بيمارين جو دعويٰ ڪرڻ جي هدايت ڏني وئي، ڪجهه معاملن ۾ جعلي لاڳاپا به ظاهر ڪيا ويا ته جيئن درخواست قبول ٿي سگهي۔
بي بي سي جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۽ بنگلاديش جهڙن ملڪن ۾ هم جنس پرستي غير قانوني آهي، جنهن جي بنياد تي ڪيترائي ماڻهو پناهه جي درخواست ڏين ٿا۔
خفيه تحقيق دوران اهو به ڏٺو ويو ته ڪجهه تقريبن ۾ شامل ماڻهن پاڻ اعتراف ڪيو ته اهي حقيقت ۾ هم جنس پرست ناهن، جنهن سان انهن دعوائن جي سچائي تي سوال اٿن ٿا۔
ماهرن جو چوڻ آهي ته اهڙا قدم نه صرف غير قانوني آهن پر انهن ماڻهن لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪن ٿا جيڪي واقعي خطري ۾ آهن ۽ پناهه جا حقدار آهن۔
برطانوي اختيارين واضح ڪيو آهي ته نظام جو غلط استعمال ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، جنهن ۾ گرفتاري ۽ ملڪ بدري به شامل ٿي سگهي ٿي۔ حڪومت طرفان پاليسي ۾ سختي ۽ درخواستن جي وڌيڪ جاچ پڙتال جو به اشارو ڏنو ويو آهي۔
ٻئي طرف انساني حقن جا ڪارڪن چون ٿا ته ڪيترائي ايل جي بي ٽي ماڻهو واقعي پنهنجن ملڪن ۾ سخت خطرن کي منهن ڏين ٿا، تنهنڪري ضروري آهي ته فراڊ خلاف ڪارروائي سان گڏ حقيقي متاثر ماڻهن جو تحفظ به يقيني بڻايو وڃي۔ هي صورتحال برطانيه لاءِ هڪ وڏو چئلينج بڻجي چڪي آهي ته هو هڪ طرف نظام جي غلط استعمال کي روڪي ۽ ٻي طرف انهن ماڻهن کي تحفظ فراهم ڪري جيڪي واقعي مدد جا حقدار آهن۔