برطانيہ ٽرمپ پاران آبنائي ھرمز جي ناڪابندي ۾ شامل نہ ٿيندو:برطانوي ميڊيا

فہرستِ مضامین

برطانوي ميڊيا جو چوڻ آھي تہ برطانيہ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران آبنائي ھرمز جي ناڪابندي ۾ شامل نہ ٿيندو.

ھڪ بيان ۾ برطانوي حڪومت جي ترجمان چيو آھي تہ آبنائي هرمز ۾ جهازن جي آزادي ۽ ان جي کليل هجڻ جي حمايت جاري رھندي، ڇو تہ اهو عالمي معيشت ۽ ملڪن اندر مهانگائي جي دٻاءُ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ تمام ضروري آهي۔

ترجمان موجب آبنائي هرمز تي ڪنهن بہ قسم جو ٽول لاڳو نہ ٿيڻ گهرجي، برطانيا فرانس ۽ ٻين ڀائيوار ملڪن سان گڏ جهازن جي تحفظ لاءِ هڪ وسيع اتحاد ٺاهڻ تي ڪم ڪري رھيو آهي۔

ياد رھي تہ آچر ڏينهن آمريڪي صدر اعلان ڪيو هو تہ آمريڪي بحريہ فوري طور تي آبنائي هرمز جي ناڪابندي شروع ڪندي ۽ ايران کي ٽول ادا ڪندڙ جهازن کي بہ روڪيو ويندو۔

ان کانپوءِ آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ اعلان ڪيو تہ صدر ٽرمپ جي فيصلي موجب اڄ شام کان آبنائي هرمز جي ناڪابندي شروع ڪئي ويندي۔

سينٽ ڪام موجب پاڪستاني وقت موجب آبنائي هرمز جي ناڪابندي اڄ شام 7 وڳي کان شروع ٿيندي ۽ هي عارضي بندش ايران جي بندرگاهن ڏانهن ايندڙ ۽ ويندڙ جهازن تي لاڳو هوندي۔

سينٽڪام اهو بہ چيو تہ ناڪابندي خليج عرب ۽ خليج عمان ۾ ايران جي بندرگاهن سان لاڳاپيل جهازن تي بہ لاڳو هوندي، جڏھن تہ ٻين ملڪن جي بندرگاهن کان ايندڙ ويندڙ جهازن تي ڪا پابندي نہ هوندي۔…

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں