برطانوي پارليامينٽ جي ميمبر ٽرمپ کي بداخلاق ۽ ڪرپٽ گينگسٽر قرار ڏئي ڇڏيو

فہرستِ مضامین

برطانوي پارليامينٽ جي ميمبر ۽ لبرل ڊيموڪريٽس پارٽي جي سربراھ سر ايڊورڊ ڊيوي بادشاھ چارلس ٽئين جو آمريڪي دورو ملتوي ڪرڻ مطالبو ڪيو آھي.

پارليامينٽ کي خطاب ۾ سر ايڊورڊ ڊيوي چيو تہ ھن ڪڏھن تصور بہ نہ ڪيو ھو تہ ڪنھن آمريڪي صدر کي اھو چوندي ٻڌي تہ اڄ رات ھڪ پوري تھذيب کي اجاڙيو ويندو.

ھن چيو تہ ٽرمپ بداخلاق ۽ عالمي قانونن کان ٻاھر صدر آھي، افسوس جي ڳالھ اھا آھي تہ ٽرمپ برطانيہ جو دوست ناھي ۽ نہ ئي ھو آزاد دنيا جو ليڊر آھي.

سر ايڊورڊ ڊيوي چيو تہ ٽرمپ حقيقت ۾ خطرناڪ ۽ ڪرپٽ گينگسٽر آھي ۽ ساڻس اھڙي ئي قسم جو رويو اختيار ڪرڻ گھرجي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں