اسلام آباد: بجلي صارفين کان لڳ ڀڳ 9 رپيا في يونٽ تائين اضافي ٽيڪس وصولي جو انڪشاف ٿيو آھي.
فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) طرفان توانائي جي شعبي کي ٽيڪس وصولي جي اضافي ذريعي طور تي استعمال ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آھي جنھن سبب صارفين کي بجلي بلن ۾ مختلف وقتن ۾ وڌيڪ ٽيڪس شامل ڪيا پيا وڃن.
بجلي جي بلن ۾ مجموعي طور تي 6 مختلف قسمن جا ٽيڪس شامل آھن جن ۾ 18 سيڪڙو جنرل سيلز ٽيڪس، انڪم ٽيڪس ۽ ايڊوانس ٽيڪس بہ شامل آھي.
صارفين کان بجلي جي بلن ۾ لڳ ڀڳ 9 رپيا في يونٽ تائين اضافي ٽيڪس وصول ڪيو پيو وڃي جنھن سان گھريلو ۽ صنعتي ٻنھي شعبن تي مالي دٻاءُ وڌي رھيو آھي.