بجلي جو شارٽ فال 4 ھزار ميگاواٽ ٿي ويو، ڪراچي سميت ٻين شھرن ۾ 10 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ

فہرستِ مضامین

گرمي جي شدت وڌندي ئي سڄي ملڪ ۾ اڻ اعلانيل لوڊ شيڊنگ ۾ غير معمولي اضافو ٿي ويو.

ملڪ ۾ بجلي جو شارٽ فال 4 ھزار ميگاواٽ ٿي ويو جنھن سان مختلف شھرن ۾ بجلي جي ڊگھي اڻ اعلانيل بندش جو سلسلو جاري آھي.

ڪراچي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ 10-10 ڪلاڪ بجلي غائب آھي جڏھن تہ راولپنڊي ۾ بہ 8 کان 10 ڪلاڪن جي لوڊ شيڊنگ شھرين جو جيئڻ مشڪل ڪري ڇڏيو آھي.

گادي وارو شھر اسلام آباد بہ 6-6 ڪلاڪ بجلي کان محروم آھي ۽ لاھور جي علائقن ۾ 5 کان 6 ڪلاڪن تائين بجلي غائب آھي.

پشاور جي شھري علائقن ۾ 6 ڪلاڪ ۽ آسپاس جي علائقن ۾ 14 ڪلاڪن تائين بجلي بند رھي.

توانائي واري وزارت صنعتن کي بہ لوڊ شيڊنگ ۾ شامل ڪري ڇڏيو ۽ بند پاور پلانٽس ٻيھر ھلائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.

توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري اڄ کان بجلي جي لوڊ شيڊنگ ۾ گھٽتائي جو اعلان ڪيو آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں