سينٽڪام موجب آمريڪي ميرينز جھاز تي قبضو ڪري ورتو، جھاز ھاڻ آمريڪي تحويل ۾ آھي.
عالمي ميرين ڊيٽا موجب “ايم وي توسڪا” ڪنٽينر شپ آھي ايراني جھنڊي تحت رجسٽرڊ آھي، 7 ڪلاڪ اڳ ايراني جھاز جي رفتار انتھائي گھٽ 1.2 ناٽس رڪارڊ ڪئي وئي.
ان کان اڳ آمريڪي صدر ٽرمپ سوشل ميڊيا تي چيو ھو تہ آمريڪا ناڪہ بنديءَ جي خلاف ورزي ڪندڙ ھڪ ايراني بحري جھاز کي نشانو بڻائي ان کي قبضي ۾ ورتو، آمريڪي فوج ھڪ ايراني بحري جھاز کي روڪيو جيڪو آبنائي ھرمز تي آمريڪي ناڪہ بندي جي خلاف ورزي جي ڪوشش ڪري رھيو ھو.
ھن جو چوڻ ھو تہ “اتوشڪا” نالي ان بحري جھاز ناڪہ بندي جي خلاف ورزي جي ڪوشش ڪئي جيڪا ان لاءِ بھتر ثابت ناھي ٿي، جھاز لڳ ڀڳ 900 فوٽ ڊگھو ۽ ھڪ طياري بردار بحري جھاز جيترو وزني آھي، آمريڪي بحريہ جي گائيڊڊ ميزائل ڊسٽرائز خليج عمان ۾ جھاز کي روڪيو، جھاز کي روڪڻ جي وارننگ بھ ڏني پر ايراني عملي ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جنھن کانپوءِ آمريڪي بحري جھاز جي انجڻ روم ۾ سوراخ ڪري ان کي روڪيو.
آمريڪي صدر جو چوڻ ھو تہ جھاز ھاڻ آمريڪي ميرينز جي قبضي ۾ آھي ۽ اسان ڏسي رھيا آھيون تہ جھاز ۾ ڇا آھي.
ھوڏانھن ايران جي جوائنٽ ملٽري ڪمانڊ آمريڪا طرفان ايران جي تجارتي بحري جھاز تي فائرنگ کي جنگبندي جي خلاف ورزي قرار ڏئي ڇڏيو.
ايران جي جوائنٽ ملٽري ڪمانڊ موجب آمريڪا جنھن تجارتي جھاز تي حملو ڪيو اھو چين کان ايران اچي رھيو ھو، بيان ۾ ايراني فوج واضح ڪيو تہ ايران جلد ئي آمريڪي فوج جي ميري ٽائيم ۽ مسلح ڊڪيتي جو جواب ڏيندو ۽ جوابي ڪارروائي ڪندو.
ايران جي جوائنٽ ملٽري ڪمانڊ ان سان گڏ اھو بہ اعلان بہ ڪيو تہ آمريڪي حملي کانپوءِ ايراني فورسز ڪجھ آمريڪي فوج جي بحري جھازن تي ڊرون سان حملا ڪيا.
ياد رھي تہ آمريڪا ايراني بحري جھاز تي قبضو ڪري ورتو آھي، آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽڪام) چيو آھي تہ جھاز ھاڻ آمريڪي تحويل ۾ آھي.