راولپنڊي: اڊيالا جيل ۾ قيدين جي راشن ۾ ماھوار لکين رپين جي ھيرا ڦيري جي الزامن تي انڪوائري شروع نھ ٿي سگھي.
پنجاب جي گھرو کاتي ۽ وزيراعليٰ کي ڏنل درخواست ۾ الزام لڳايو ويو ھو تھ پنجاب حڪومت طرفان ھر قيدي لاءِ ھفتيوار 540 گرام ڪڪڙ جي گوشت جو بجيٽ فراھم ڪرڻ باوجود جيل انتظاميھ ۽ ھيڊ ڪلرڪ جي ملي ڀڳت سان قيدين کي داليون کارايون وڃن ٿيون ۽ رقم ھڙپ ڪئي پئي وڃي.
درخواست موجب صرف گذريل ھڪ سال دوران ڪڪڙ جي گوشت جي مد ۾ ھڪ ڪروڙ 15 لک 24 ھزار رپين کان وڌيڪ رقم خرد برد ڪئي وئي.
درخواست ۾ واردات جي طريقي جي وضاحت ڪندي چيو ويو تھ ھر ھفتي قيدين لاءِ گوشت جو ھڪ ٽرن مس ڪري دال ڏني وڃي ٿي ۽ مھيني ۾ 4 ڀيرا مرغي بدران دال فراھم ڪري ڳري رقم کيسن ۾ وڌي وڃي ٿي.
درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آھي تھ ڪرپشن جي داستان اتي ختم نٿي ٿئي، جيل ۾ روزانو جي بنياد تي گڏ ٿيندڙ 60 ڪلو ماني جي ٽڪڙن جي وڪري ۾ بھ ماھوار 45 لک رپين کان وڌيڪ بدعنواني ڪئي پئي وڃي.