اڄ کان 11 مئي دوران ملڪ جي مختلف حصن ۾ شديد گرمي جي لھر جو امڪان

فہرستِ مضامین

ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اڄ کان 11 مئي دوران شديد گرمي جي لھر جو امڪان آھي.

موسميات کاتي خبردار ڪندي چيو آھي تھ دادو، شھيد بينظير آباد، گھوٽڪي، خيرپور، نوشھرو فيروز، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، سکر، سبي، تربت ۽ پنجگور ۾ وڌ کان وڌ گرمي پد 46 کان 50 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگھي ٿو.

موسميات کاتي مطابق ملتان ۽ ڊيرھ غازي خان سميت ڏکڻ پنجاب، ڊيرھ اسماعيل خان ۾ گرمي پد 43 کان 47 ڊگري سينٽي گريڊ تي پھچي سگھي ٿو.

ان کان علاوھ پشاور، مردان، صوابي، نوشھرھ، اسلام آباد، روالپنڊي، لاھور ۽ سيالڪوٽ ۾ گرمي پد 39 کان 43 ڊگري سينٽي گريڊ رھڻ جو امڪان آھي جڏھن تھ ڪراچي ۾ وڌ کان وڌ گرمي پد 35 کان 38 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رڪارڊ ڪري سگھجي ٿو.

ٻئي طرف ماھرن سخت گرمي ۾ شھرين کي سج ۾ غير ضروري طور تي ٻاھر نھ نڪرڻ ۽ وڌ کان وڌ پاڻي پيئڻ جي صلاح ڏني آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں