اڄ ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ موسم شديد گرم ۽ خشڪ رھڻ جو امڪان آھي

فہرستِ مضامین

لاھور: اڄ ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ جڏھن تھ ڏکڻ وارن علائقن ۾ شديد گرم رھڻ جو امڪان آھي.

موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آھي تھ اڄ ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رھندو، جڏھن تھ ڏکڻ وارن علائقن ۾ گرمي جي شدت ۾ وڌيڪ اضافو متوقع آھي.

بلوچستان جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ موسم خشڪ ۽ گرم آھي، صوبي جي ڏکڻ وارن ضلعن ۾ موسم شديد گرم رھندو، سبي ۾ گرمي پد 45 ۽ تربت ۾ 46 ڊگري تي پھچي چڪو آھي.

ڪراچي ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڏينھن ۾ آسمان صاف ۽ موسم گرم رھڻ جو امڪان آھي، موسميات کاتي موجب شھر ۾ وڌ کان وڌ گرمي پد 35 کان 37 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگھي ٿو.

موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ گرمي پد تربت ۽ نوابشاھ ۾ 46 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

ان کانسواءِ سڪرنڊ ۾ 45، دادو، لسٻيلو، موھن جو دڙو ۾ 44، حيدرآباد، سکر ۾ 42، ملتان، ساھيوال ۾ 38، ڪراچي ۾ 35، لاھور ۾ 34، اسلام آباد  ۽ پشاور ۾ 33، ڪوئٽا ۽ مظفر آباد ۾ 30 ۽ گلگت ۾ وڌ کان وڌڪ گرمي پد 23 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رڪارڊ ڪيو ويو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں