اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان اپريل ۾ پرڏيھ ۾ رھندڙ پاڪستانين طرفان موڪليل ڊالرز جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا.
ان حوالي سان اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آھي تہ اپريل ۾ پرڏيھ ۾ رھندڙ پاڪستانين 3 ڏھائي 5 ارب ڊالرز موڪليا، مارچ جي مقابلي اپريل ۾ مٽاسٽا وارو ناڻو موڪلڻ ۾ 7 ڏھائي 6 سيڪڙو گھٽتائي ٿي.
اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آھي تہ گذريل سال جي مقابلي ۾ اپريل ۾ 11 ڏھائي 4 سيڪڙو وڌيڪ رقمون موڪليون ويون، ھلندڙ مالي سال جي پھرين 10 مھينن ۾ مجموعي طور تي 33 ارب 90 ڪروڙ ڊالرز پاڪستان موڪليا ويا، گذريل سال انھي مدي ۾ 31 ڏھائي 20 ارب ڊالرز موڪليا ويا.
سعودي عرب مان 84 ڪروڙ 17 لک ڊالرز ۽ متحدھ عرب امارات مان 73 ڪروڙ 47 لک ڊالرز پاڪستان موڪليا ويا.
اسٽيٽ بئنڪ چيو آھي تہ برطانيہ مان 56 ڪروڙ 37 لک ڊالرز ۽ آمريڪا مان 31 ڪروڙ 76 ڊالرز پاڪستان موڪليا ويا.